گوگل ميپس لوڪيشن شيئرنگ واري آپشن ۾ وڏي تبديلي

اڪثر جڏهن ڪنهن فرد کان لوڪيشن شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ته ماڻهو عام طور تي واٽس ايپ کي ترجيح ڏيندا آهن.
واٽس ايپ ۾ لوڪيشن شيئر ڪرڻ وارو عمل آسان آهي، پر هاڻي گوگل ميپس جو نئون فيچر شايد واٽس ايپ کي وسارڻ تي مجبور ڪري ڇڏي.
گوگل ميپس طرفان لوڪيشن شيئرنگ واري عمل کي تمام سولو بڻايو پيو وڃي ۽ رپورٽن موجب هاڻي توهان سڌي سنئون گوگل ميپس مان پنهنجي لوڪيشن شيئر ڪري سگهو ٿا.
ان لاءِ گوگل ميپس کوليو ۽ ميپ ۾ موجود نيري (بِلو) آئڪن تي ڪلڪ ڪريو، جيڪو توهان جي موجودا لوڪيشن ڏيکاري ٿو.
ان کانپوءِ هڪ اوورلي ونڊو ظاهر ٿيندي، جنهن ۾ ”شيئر لوڪيشن“ وارو بٽڻ موجود هوندو.
ان بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جي موجودا لوڪيشن جو يو آر ايل تيار ٿي ويندو، جيڪو مختلف پليٽفارمز تي شيئر ڪري سگهجي ٿو.
رپورٽ موجب، گوگل هڪ ايڪشن بٽڻ جي به جاچ ڪري رهيو آهي، جيڪو نيري آئڪن تي ڪلڪ ڪرڻ واري گهرج ختم ڪري ڇڏيندو، ۽ سڌيءَ ريت لوڪيشن شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.
گوگل پراميد آهي ته هن تبديلي کانپوءِ واهپيدار واٽس ايپ بدران سڌو سنئون گوگول ميپس کي لوڪيشن شيئر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.