ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن لاءِ ويسٽ انڊين فاسٽ بولر الزاري جوزف کي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي انتظاميا موجب، الزاري جوزف کي اسپينسر جانسن جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو آهي.
ٽيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسپينسر جانسن ذاتي سببن جي ڪري پي ايس ايل لاءِ دستياب نه آهي.
واضح رهي ته ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز آسٽريليا جي اسپينسر جانسن سان ڊائريڪٽ معاهدو ڪري ورتو آهي.