لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ٽِين ون ڊي ميچ ۾ تڪراري ڊي آر ايس ريويو واري معاملي تي باضابطا شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ آخري اوور ۾ بنگلاديشي ٽيم جي ريويو تي امپائر خلاف ميچ ريفري نعيم الراشد کي شڪايت ڪئي آهي.
واضح رهي ته بنگلاديشي بالر رشاد حسين جي آخري اوور جي پنجين بال کي امپائر وائيڊ قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ بنگلاديش جي ڪپتان ٽي وي اسڪرين تي ري پلي هلڻ کانپوءِ ريويو ورتو.
ريويو وقت پاڪستان کي ٻن بالن تي 12 رنسون گهربل هيون، جڏهن ته ريويو کانپوءِ امپائر کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو جنهن بعد پاڪستان کي کٽڻ لاءِ هڪ بال تي 12 رنسون ٺاهڻيون هيون.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ موقف اختيار ڪيو ته اسڪرين تي ري پلي هلڻ کانپوءِ ريويو نٿو وٺي سگهجي، پر امپائر ريويو قبول ڪيو، شڪايت ۾ پاڪستان ميچ ريفري کي ان غلطي جي نشاندهي ڪرائي آهي.
پي سي بي طرفان في الحال اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته هو ميچ ريفري کان ڪهڙي ڪارروائي چاهي ٿو، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ گهٽ ۾ گهٽ هن معاملي ۾ باضابطا وضاحت يا غلطي جي اعتراف جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.
ياد رهي ته ان کان اڳ ٻِي ون ڊي ۾ سلمان علي آغا کي ان وقت رن آئوٽ قرار ڏنو ويو هو جڏهن هو بال واپس ڪرڻ لاءِ ڪريز کان ٻاهر نڪتو هو، جنهن تي سندس بنگلاديشي ڪپتان مهدي حسن ميراز سان سخت جملن جو ڏي وٺ پڻ ٿي هئي.
پي سي بي جو بنگلاديش خلاف ٽِين ون ڊي ميچ دوران تڪراري ڊي آر ايس ريويو تي احتجاج، شڪايت داخل
You might also like