ايراني فٽبال ٽيم جي 4 رانديگرياڻين کانپوءِ ڪپتان به آسٽريليا ۾ پناهه جي درخواست واپس وٺي ڇڏي، وطن واپسي جو فيصلو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ موجود ايراني وومينز فٽبال ٽيم جي 4 پليئرز کانپوءِ ڪپتان به وطن واپس وڃڻ جو فيصلو ڪندي پناهه جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.
ايراني خبر ايجنسي موجب، وومينز فٽبال ٽيم جي ڪپتان زهرا قنبري آسٽريليا ۾ پناهه جي درخواست تان هٿ کڻي ورتو آهي ۽ هوءَ جلد آسٽريليا کان ملائيشيا رواني ٿيندي.
واضح رهي ته آسٽريليا ۾ اي ايف سي ايونٽ ختم ٿيڻ کانپو ايراني وومينز فٽبال ٽيم جا 6 ميمبر آسٽريليا ۾ رهجي ويا هئا، آسٽريلوي اختيارين انهن رانديگرياڻين کي سياسي پناهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
ٽيم جي 6 مان 4 ميمبر اڳ ئي پنهنجي درخواست واپس وٺي چڪا هئا ۽ هاڻي ڪپتان طرفان به درخواست واپس وٺڻ بعد رڳو هڪ پليئر باقي رهجي ويئي آهي.
آسٽريلوي گهرو وزير ٽوني برڪ موجب، ايراني ٽيم جي سمورن پليئرز ۽ مددگار عملي کي پناهه جي آڇ ڪئي وئي هئي. اها آڇ ان خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي هئي ته ٽورنامينٽ دوران ايراني قومي ترانو نه ڳائڻ سبب ايران واپس وڃڻ تي کين سزا جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
عرب ميڊيا موجب، ايراني وومينز فٽبال ٽيم جي 26 رڪني اسڪواڊ مان 6 پليئرز ۽ عملي جي هڪ ميمبر انسانيت جي بنياد تي آسٽريليا جي پناهه واري پيشڪش قبول ڪئي هئي، جڏهن ته باقي ايراني وفد 9 مارچ تي سڊني مان ايران واپسي لاءِ ڪوالالمپور روانو ٿي ويو هو ۽ اڃا تائين اتي ئي موجود آهي.
ايران جي وومينز فٽبال ٽيم جي اسڪواڊ آسٽريليا ڇڏڻ کانپوءِ اڃا تائين ملائيشيا ۾ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.