مير واهه گورچاڻي ڀرسان حادثو، عورت سوڌو 4 ڄڻا فوت، 4 زخمي

مير واهه گورچاڻي (ن ع آ) مير واهه گورچاڻي ڀرسان حادثو، عورت سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته مير واهه گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، حادثي ۾ 5 مهينن جو ڪيلاش پٽ رميش، 28 ورهين جي موجان زال والجي ڪولهي، 2 ورهين جو راجو ۽ سندس والد لالچند فوت ٿي ويا، ڳوٺ چوڌري غلام محمد آرائين وٽ حادثو پيش آيو، چار ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا، فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ نينگر راهول پٽ لالچند، گجران زال رميش، والجي پٽ ڪانجي ڪولهي ۽ محمد اعظم آرائين شامل آهن، ڦلهڏيون جي ڳوٺ مٺو ڍير فقير واسي متاثر خاندان ڊگهڙي ڀرسان مائٽن جي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ  وڃي رهيوهو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.