بابر کي ون ڊي ٽيم مان ٻاهر ڇو ڪيو ويو؟ محمد يوسف سليڪٽرن تي ڪڙڪي پيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف اسٽار بيٽر بابر اعظم کي بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ مان ٻاهر ڪرڻ تي حيرت ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
محمد يوسف ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ ته حيران ڪندڙ هو، پر هاڻي کيس ون ڊي ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ (جيڪڏهن رڳو آرام ڏيڻ جو فيصلو ناهي ته) اهو سمجهه کان ٻاهر آهي.
هن سوال اٿاريو ته آخر اهڙا غير منطقي فيصلا ڪير ڪري رهيو آهي؟
واضح رهي ته چار مارچ تي بنگلاديش سان سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ بابر اعظم ۽ صائم ايوب کي ڊراپ ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.