سون اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به هزارين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ ٽيئن ڏينهن به في تولو سون 2800 رپيا سستو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 5 لک 37 هزار 162 رپين جو ٿي ويو.
اهڙي ريت 10 گرام سون جو اگهه 2401 رپيا لاٿ بعد 4 لک 60 هزار 529 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 28 ڊال سستو ٿيڻ بعد 5144 ڊالر تي وڪرو ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.