تهران/ ڪولمبو/واشنگٽن (ع آ نيوز) آمريڪا هندي سمنڊ ۾ ايراني فوجي جهاز ٻوڙڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ايران هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سريلنڪا جي گال بندرگاهه ويجهو ايراني سامونڊي جهاز ٻڏي ويو، جهاز ۾ سوار 140 ڄڻا گم ٿي ويا. سريلنڪن ۾ اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ ايراني هڪ سامونڊي جهاز ٻڏڻ جا اطلاع ملڻ کانپوءِ سريلنڪا جي سامونڊي ۽ هوائي فوج طرفان امدادي ڪارروايون جاري آهن. سريلنڪا جي بچاءَ واري وزارت موجب، جهاز تي سوار لڳ ڀڳ 140 ماڻهو گم آهن، جڏهن ته حادثي ڪارڻ بابت اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. اختيارين موجب، ايراني جهاز سريلنڪا جي سامونڊي حدن کان پري ”ميري ٽائم تجارتي زون، ۾ موجود هو. واضح رهي ته ان کان اڳ سريلنڪا جي پرڏيهي وزير وجئٿا هيراٿ پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو هو ته صبح بحري جهاز ” آءِ آر آءِ ايس ڊينا“ طرفان پريشان ڪندڙ سگنل مليا هئا، جنهن کانپوءِ ملڪ جي سامونڊي ۽ هوائي فوج ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. پرڏيهي وزير موجب، ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ 30 ڄڻن کي سريلنڪا جي گال بندرگاهه واري اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب، هن سامونڊي جهاز تي 140 ماڻهو سوار هئا. سريلنڪن مخالف ڌر جي پارليامينٽ ميمبر پارليامينٽ ۾ سوال ڪيو ته ڇا ايران خلاف آمريڪي اسرائيلي حملن دوران جهاز تي بمباري ڪئي وئي هئي؟ ته ان تي ڪو به سرڪاري ردعمل سامهون نه آيو. آمريڪي دفاع واري سيڪريٽري پيٽ هيگسيٿ جو چوڻ آهي ته آمريڪا هڪ ايراني جنگي جهاز کي هندي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. پينٽاگون جي پريس بريفنگ دوران، آمريڪي دفاع واري سيڪريٽري چيو ته ايراني جهاز کي ٽارپيڊو سان نشانو بڻايو ويو، پر پيٽ هيگسيٿ ايراني جهاز جو نالو نه ٻڌايو. ٻئي طرف، سريلنڪن دفاع واري سيڪريٽري بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ايراني جهاز تي سوار 80 ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. بي بي سي سنهالا سريلنڪن نيوي سان ٻڏل ايراني جهاز جي حالت بابت ڳالهايو آهي. سريلنڪن نيوي جي ترجمان جي مطابق، جڏهن انهن جا جهاز واقعي واري هنڌ پهتا، ته انهن اتي صرف ڪجهه لائف بوٽ ڏٺا. ترجمان جي مطابق، "اتي ڪو به ايراني جهاز نه هو. اهو ٻڏي ويو هو.” اسرائيلي فوج تهران ۾ بمباري ڪري هڪ اهم شخصيت کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي ميڊيا قتل ٿيل شخصيت جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي آهي. اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي ته هن تهران جي اوڀر ۾ هڪ وڏن ايراني عسڪري ڪمپليڪس تي وڏي پيماني تي هوائي حملو ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته اسرائيلي جنگي جهازن انهن علائقن کي نشانو بڻايو جتي ڪيترائي سيڪيورٽي ادارن جا ڪمانڊ سينٽرز موجود هئا. اسرائيلي فوج موجب، نشانو بڻايل مقام ۾ پاسداران انقلاب، قدس فورس، ايراني فوجي انٽيليجنس ۽ ٻيا سيڪيورٽي يونٽ شامل هئا، ۽ حملو ٿيڻ وقت ايراني اهلڪار ڪمپليڪس ۾ موجود هئا. ايران هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سعودي عرب، اسرائيل، آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن جا اڳواڻ تازي ڇڪتاڻ تي سخت بيان ڏئي رهيا آهن، علائقي ۾ فوجي ڪاررواين، آبنائي هرمز تي ڪنٽرول جي دعوائن ۽ مارجي ويل فوجين بابت رپورٽن سبب صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي، جنهن سان وچ اوڀر ۾ تڪرار نئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽن موجب،ايران هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا سان ڳالهين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. شهيد آيت الله خامنه جي سينيئر صلاحڪار محمد مخبر چيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪندو ۽ ايران جا آمريڪين سان ڪنهن به قسم جو ڪو به رابطو نه آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي بچاءُ واري وزير اسرائيل ڪاٽز ڌمڪي ڏيندي چيو ته آيت الله خامنه اي جي ڪنهن به جانشين کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسرائيلي وزيراعظم ۽ هن فوج کي تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.