سي آءِ اي ايراني قيادت جي گڏجاڻي جو پتو لڳايو:آمريڪي ميڊيا

واشنگٽن  (م ڊ) آمريڪي اخبار دي نيويارڪ ٽائيمز پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي  ايراني قيادت جي هڪ اهم گڏجاڻي جو پتو لڳايوجنهن کان پوءِ  اسرائيل ان هنڌ تي حملو ڪيو، آمريڪي ميڊيا رپورٽ موجب حملي کان ٿوري دير اڳ سي آءِ اي ممڪن طور تي سڀ کان اهم هدف يعني ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي  جي صحيح سڃاڻپ ڪري ورتي هئي، آپريشن بابت ڄاڻ رکندڙ ذريعن جو چوڻ آهي ته سي آءِ اي ڪيترن مهينن کان خامنه اي جي چرپر ۽ رهائشگاهن تي نظر رکندي پئي اچي ۽ وقت سان گڏ ان وٽ موجود معلومات وڌيڪ مضبوط ٿيندي وئي، رپورٽ موجب نئون ڳجهو اطلاع ملڻ بعد آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجي حملي جي وقت ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ان موقعي مان فائدو حاصل ڪري سگهجي، خامنه اي جي غيرمعمولي شهادت ٿيڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته حملي کان اڳ آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ موجود هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.