ڪراچي/اسلام آباد/لاهور/پشاور (نمائندن وٽان) ايراني سپريم ليڊر جي شهادت کانپوءِ ڪراچي ۾مڇريل مظاهرين آمريڪي قونصل خاني تي ڪاهه ڪري ڏني، نوجوانن جو وڏو انگ پوليس جي موجودگي ۾ قونصل خاني ۾ داخل ٿيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندي اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف نعريبازي ڪئي وئي. قونصليٽ ٻاهران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ۽ علائقو جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو. مظاهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي وچ ۾ چڪريون ٿيون. 10 مظاهرين مارجي ويا ۽ هڪ رينجرز اهلڪار، ٻن پوليس اهلڪارن سميت 35 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. احتجاج ڪندڙن هڪ پوليس جي بڪتر بند گاڏي، هڪ موٽر سائيڪل ۽ ٽريفڪ پوليس جي چوڪي کي باهه ڏئي ساڙڻ کان پوءِ قونصليٽ جي احاطي ۾ داخل ٿي باهه ڏئي ڇڏي. مظاهرين قونصليٽ جي عمارت تي ايران ۽ حزب الله جا جهنڊا هڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ايم ٽي خان روڊ تي آمريڪي قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران مظاهرين تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي سول ۽ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي، جواب ۾ مظاهرين پٿراءُ ڪيو. مڇريل ماڻهن سلطان آباد ۾ ٽريفڪ پوليس جي چوڪي ۽ هڪ موٽرسائيڪل کي باهه ڏئي ڇڏي. آمريڪي قونصليٽ ويجهو مظاهرين سان ايس ايس پي ڪياماڙي ڳالهيون ڪيون. ريڊ زون ڏانهن ايندڙ رستن تي ڪنٽينر بيهاريا ويا هئا. ڊي آءِ جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ علي جو چوڻ هو ته مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ بعد حالتون ضابطي ۾ آنديون ويون. ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪراچي ۾ سڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا، رينجرز جون موبائيل ٽيمون مقرر ڪيون ويون. بعد ۾ فيصل ايڌي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مظاهرو ڪندڙن تي قونصليٽ اندران فائرنگ ڪئي وئي هئي، مارجي ويلن ۾ سيد ڪاظم رضوي، علي پٽ اختر، عديل پٽ حنيف، مبارڪ، ساجد پٽ علي محمد، خاور عباس، عباس، محمد علي ۽ هڪ اڻڄاتل شخص شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ عادل حسين پٽ محمد علي، مهدي حسن پٽ غلام رسول، شھير پٽ جليل، عارف، محسن علي، دلاور عباس، ڪاشف حسين، حسين حيدر سميت ٻيا شامل آهن . مظاهرين جي هٿن ۾ شهيد آيت الله علي خامنا اي جون تصويرون کنيل هيون. الله اکبر ۽ لبيڪ يا حسين جون پٽيون ٻڌيون هيون. احتجاج سبب شهر جو اهم ڪمرشل ۽ سفارتي علائقو متاثر ٿيو. سلطان آباد کان مائي ڪولاچي تائين روڊ بند ٿي ويا، جنهن سبب گاڏين جي آمدورفت مڪمل طور تي معطل ٿي. ٽريفڪ پوليس متبادل رستا فراهم ڪندي شهرين کي سهولت ڏني. ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب قونصليٽ جي ٻاهرين رستن کي سيل ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جي ريڊ بس سروس بند ڪئي وئي، عيد جي خريداري لاءِ وڏا خريداري مرڪز بند رهيا. ڪراچي جي ٻين هنڌن تي به ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آئي، نمائش چورنگي، عباس ٽائون، ٽاور تي وڏي انگ ۾ مظاهرين گڏ ٿي ويا ۽ روڊن تي نعريبازي ڪئي. اسلام آباد ۾ مظاهرين آمريڪي سفارتخاني ٻاهران احتجاج ڪيو جن تي پوليس پاران شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس پاران مظاهرين کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا ۽ ريڊ زون کي مڪمل سيل ڪيو ويو. لاهور ۾ مظاهرين پريس ڪلب ٻاهران وڏو مظاهرو ڪيو. لاهور ۾ به مظاهرين آمريڪي قونصل خاني ٻاهران ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوليس مظاهرين جي قونصليٽ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. مظاهرين قونصليٽ آڏل لڳايل سڪيورٽي ڪيمپ پٽي ڇڏي. مظاهرين پاران آمريڪي قونصليٽ شملا پهاڙي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ نوجوانن، عورتن ۽ٻارن جو وڏو انگ موجود هو. عورتن کي شهيد سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي جون تصويرون کنيل هيون. قونصل خاني ٻاهران ڪنٽينر رکيا ويا هئا ۽ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي ڪيترن هنڌن تي پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. پشاور پريس ڪلب ٻاهران ملت اسلاميا پاڪستان پاران اهتجاج ڪيو ويو،مظاهرين شير شاهه سوري روڊ کان امنچوڪ تائين ريلي ڪڍي. پوليس مظاهرين کي قونصل خاني کان 200 ميٽر پري محدود ڪري ڇڏيو،ايبٽ آباد، ڊيرا اسماعيل خان، هنگو، اورڪزئي، پارا چنار ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ميان چنو ٽي چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڪوهاٽ جي علائقي ڪچا پاڪا استرزئي ۾ ڌرڻوهنيو ويو ۽ اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي. مقررن پاڪستان کان معاملو گڏيل قومن ۾ اٿارڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ظلم خلاف عالمي سطح تي آواز اٿاريو وڃي. سنڌ جي شهرن گهوٽڪي، ميرپورماٿيلي، ڏهرڪي، خان پور مهر،جيڪب آباد ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. گلگت بلتستان ۾ به مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مختلف هنڌن تي ڀڃ ڊاهه ڪندي باهيون ڏنيون ويون، قراقرم شاهراهه تي مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا. هنزا نگر ۾ به احتجاج ڪندي گڏيل قومن جي ماتحت مرڪز کي باهه ڏني وئي. گلگت بلتستان جي ٻن وڏن شهرن، گلگت ۽ اسڪردو ۾ آچر ڏينهن آمريڪا خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهرا پرتشدد صورتحال اختيار ڪري ويا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار سميت 14 ڄڻا مارجي ويا آهن. مظاهرين پاران غير ملڪي آفيسن، سرڪاري ۽ عسڪري ملڪيتن کي سخت نقصان پهچايو ويو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي باهيون ڏنيون ويون. اسڪردو ۾ 45 زخمي علاج هيٺ آهن جن مان 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته گلگت ۾ 14 زخمي اسپتال داخل آهن. بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسڪردو ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. ٻنهي شهرن ۾ سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گلگت ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ مڪمل طور معطل ڪئي وئي آهي ته جيئن وڌيڪ افواهن کي روڪي سگهجي. سيڪيورٽي فورسز ۽ مظاهرين جي وچ ۾ ٽڪراءَ کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار رهي.