ميرپورماٿيلو ويجهو زهريلي دوا جي بوتل ۾ پاڻي پيئڻ سبب 5 ٻار فوت

سرحد/ميرپورماٿيلو/ڏهرڪي (نمائندن وٽان) ميرپور ماٿيلو ويجھو پنج معصوم ٻارڙا پر اسرار نموني فوت لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ چوٻول هئا ته ٻارڙا اسڪول مان واپسي تي زرعي زھريلي دوا جي خالي بوتل ۾ نلڪي تان پاڻي ڀري پيئڻ سبب فوت ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ منڌڻ ڇڄڻ ۾ هڪ ئي ڏينهن 4 ٻارڙا پراسرار نموني فوت ٿي ويا، جڏھن ته پنجون ٻارڙو ٽن ڏينھن بعد سکر جي اسپتال ۾ دوران علاج فوت ٿي ويو، ٻڌايو ويو ته ٻارڙا اسڪول مان واپسي تي زرعي زهريلي دوا جي رستي تي پيل خالي بوتل ۾ نلڪي تان پاڻي ڀري پيتو جنهن بعد واقعو پيش آيو وارثن تي پوليس ۽ انتظاميه جو دٻاءُ ھجڻ ڪري ٻارڙن جي وارثن ان جي ڳالهه جي آخري   اطلاعن تائين تصديق نه ڪئي هئي ٻي پاسي ٻارڙن جا لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 10 ورهين جو اياز ڇڄڻ، 7 ورهين جو الله الدين ڇڄڻ، 4 ورهين جو محمد خان ڇڄڻ، 11 ورهين جو وقار احمد ڇڄڻ ۽ 5 ورهين جو وسيم ڇڄڻ شامل آهن، فوت ٿيلن ۾ ٽي ڀائر شامل هئا، علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل ھئي پر حد جي پوليس توڙي جو انتظاميه ٻارڙن جي اصل موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي ھوڏانھن علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ ايگريڪلچر کاتو مڪمل طور تي غير فعال بڻيل آهي جيڪي ڳوٺن توڙي جو شھرن ۾ عوام کي زھريلي دوا بابت ھن وقت تائين ڪنھن به قسم جي بريفنگ نه ڏني آھي ته وونڻن جي موسم ۾ ڪھڙيون احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گھرجن ھنن چيو ته ھن افسوسناڪ ھان ڏاريندڙ واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.