ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري هدايتڪار سنجي ڀنسالي جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن مداحن کي ڳڻتي ۾وڪوڙي ڇڏيو، جڏهن ته سندن ٽيم سمورين افواهن جي ترديد ڪندي صورتحال واضح ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي پنهنجي 63هين سالگرهه جي موقعي تي هدايتڪار کي دل جو دورو پوڻ کانپوءِ ممبئيءَ جي اين ايڇ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج هيٺ آهي.
اها خبر سامهون ايندي ئي سوشل ميڊيا تي سندش صحت بابت افواهه تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳا.
بعد ۾ هدايتڪار جي ٽيم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اهڙين خبرن کي غلط قرار ڏيندي چيو ويو ته سنجي ليلا ڀنسالي مڪمل طور خيريت سان آهن ۽ سندن صحت بابت هلندڙ خبرون بي بنياد آهن.
واضح رهي ته سنجي ليلا ڀنسالي بالي ووڊ جو ڳاڻيٽو اهڙن هدايتڪارن ٿئي ٿو جن فلمسازي جي انوکي انداز ذريعي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي.
هن هدايتڪار طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات فلم خاموشي سان ڪئي، جڏهن ته هم دل دي چڪي صنم ۽ ديوداس جهڙين فلمن کيس عالمي شهرت ڏني، ويجهڙ وارن سالن ۾ سندس ويب سيريز سيريز هيرامنڊي به ڪيئي رڪارڊ قائم ڪيا هئا.
ناليواري ڀارتي هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي کي سالگرهه جي ڏينهن دل جو دورو؟ صحت بابت اپڊيٽ جاري
You might also like