ننڍي عمر ۾ ئي ايڏي شهرت ملڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪيان ٿي: سنبل اقبال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ٽي وي اداڪارا سنبل اقبال ننڍي عمر ۾ شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي فني سڃاڻپ ڪيترن ئي يادگار ڊرامن سان ٺاهي.
نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ اداڪارا واضح ڪيو ته منهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به شوبز ڇڏڻ جو خيال ناهي آيو ۽ هر تجربي مان ڪجهه نئون سکيو آهي.
هن چيو مان خدا جو شڪر ادا ڪيان ٿي ته ماڻهو مون کي سڃاڻين ٿا ۽ منهنجي ڪم کي ساراهين ٿا، جنهن سان مون کي وڌيڪ محنت ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو، منهنجو سڀني لاءِ اهو ئي پيغام آهي ته پنهنجي محنت جاري رکو ۽ ڪڏهن به پوئتي نه هٽو.
سندس چوڻ هو ته مان ڪڏهن به شوبز ڇڏڻ جو ارادو ناهي ڪيو، ڪنهن به شئي کي اوچتو ڇڏي ڏيڻ، جنهن تي توهان وقت ۽ محنت لڳائي هجي سمجهداري نه هوندي.
سنبل اقبال چيو ته ننڍي عمر ۾ ئي مشهور ٿيڻ انتهائي حيران ڪندڙ ۽ غير حقيقي تجربو هو، مان خدا جو شڪر ادا ڪيان ٿي.
هن چيو شروع ۾ مون کي احساس نه هو ته ايڏي مشهور ٿي وئي آهيان، ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ وقت ماڻهن مون کي ڪردارن سان سڃاتو، ڊائلاگ ورجائي تعريف ڪئي، جنهن سبب مان فيصلو ڪيو ته پنهنجي تعليم نجي طور مڪمل ڪنديس ته جيئن پڙهائي متاثر نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.