ڪراچي(عوامي آُواز نيوز)تجزئي نگار صيغم خان چيو آهي ته ڪراچي جي صوبي تي بحث جو واحد مقصد پنجاب ۾ نون صوبن جي قيام جو رستو روڪڻ اهي،شهرن جا صوبا نه ٺهندا آهن،ممبئي جي آبادي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آهي،پر اها مهاراشٽر جو حصو آهي،اهڙي طرح نيويارڪ جي آبادي به ٻه ڪروڙ آهي پر پنهنجي رياست جو حصو آهي،هن چيو ته ڪراچي جو مسئلو ئي اهڙو آهي،1947ع کان سنڌ جي راڄڌاني کسي وئي،جهيڙو شروع ٿيو،ان وقت جي ايوب کهڙي جي حڪومت برطرف ڪئي وئي،اهو جهيڙو 70ع تائين جاري رهيو،ان کانپوءِ ڪراچي واپس سنڌ کي ملي،هن چيو ته سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر کي الڳ ڪرڻ سان جهيڙو ٿيندو،لساني بنياد تي ورهاڱي خلاف علاوه ان جو ڪو تُڪ بڻجي ٿو؟ڇا ان ۾ ڪو انتظامي جواز آهي؟پنجاب پوري پاڪستان جو 55 سيڪڙو آهي،پهرين ته انتظامي طور 55 سيڪڙو ۾ صوبا ٺاهيو جن کي انتظامي طور تي صوبا نه ٺاهڻا آهن اهي ايم ڪيو ايم کي اشارو ڪري ڇڏين ٿا،طاقتور ماڻهو نوان صوبا ٺهڻ نه ڏيندا،ڏکڻ پنجاب کي گهٽ ۾ گهٽ سيڪريٽريٽ ته ڏيو،ان کي ان جي حصي جون نوڪريون ۽ ترقياتي رٿائون ته ڏيو،ڪراچي کي گهٽ ۾ گهٽ ميٽروپوليٽن ته مڃو اتان جي گورننس ته ٺيڪ ڪرڻ ڏيو