ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: علي وسير) ميرپور ماٿيلو جي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڌر جي ماڻهن پاران پوليس جي موجودگي ۾ فريادي يعقوب گڏاڻي کي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون ويون۔ شھيد صحافي جي ڀاءُ ميڊيا آڏو احتجاج ڪيو۔ ميرپور ماٿيلي جي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڌر جي ماڻهن پاران گذريل ڏينهن شھيد صحافي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي کي عدالت ٻاھران هراسان ڪرڻ ۽ قتل جون ڏيڻ واري عمل خلاف يعقوب گڏاڻي شھيد نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو پھچي ميڊيا آڏو دانهيءَو ته ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ملوث مير خالد احمد خان لنڊ جي منشي جوابدار عبدالله لنڊ جي چرچ تي مان جيئن ئي عدالت مان ٻاھر نڪتس ته پانڌي لنڊ ۽ ٻين حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ڳنڀير نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن پر مان انھن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو مان ڪنھن کان ڊڄان ڪون ٿو ڪيس تان ڪنھن به صورت ۾ ھٿ نه کڻندس۔ هن چيو ته اسان کي اعليٰ عدالتن مان انصاف جي اميد آھي سڀ سنڌ واسي مون سان گڏ آھن قاتلن کي ڦاهي تائين پھچائيندس۔ ھن چيو ته عدالتي حڪمن تحت اسان کي پوليس جي سيڪيورٽي مليل ھئي جيڪا سيڪورٽي ايس ايس پي انور کيتران ڀاءُ کي قتل ڪرائيندڙ پي پي ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ جي ونگار وھندي واپس وٺي ڇڏي آهي جنھن سبب جوابدار ڌر جا ماڻھون مسلسل هراسان ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن۔ مان سنڌ واسين کي اپيل ڪيان ٿو ته ھو مون سان ساٿ ڏين۔