ڌار صوبي بابت تڪراري بيانن تي مختلف شهرن ۾ عدالتي بائيڪاٽ، گورنر هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي/ٺٽو/ميرپورخاص (نمائندن وٽان) ڪراچي، ٺٽو ۽ ميرپورخاص ۾ وڪيلن ۽ بار ڪائونسلن سنڌ ۾ گورنر جي بيانن خلاف احتجاج ۽ عدالتي بائيڪاٽ ڪئي۔ ملير بار ايسوسيئيشن پاران گورنر سنڌ جي تعصباڻي ۽ سنڌ ورهائڻ جي بيانن خلاف عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو۔ ملير بار جي صدر ايڊوڪيٽ ارشاد شر، ايڊوڪيٽ اياز چانڊيو ۽ ٻين چيو ته گورنر ڪامران ٽيسوري پاران ڪراچي جي انتظامي مستقبل ۽ حيثيت بابت ڪيل تازن بيانن جو نوٽيس ورتو وڃي۔ ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي سيشن ڪورٽ ٺٽو ۽ ماتحت عدالتن ۾ بائيڪاٽ سبب ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون، جتي وڪيلن گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري تي سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جا تڪراري بيان ڏيڻ جو الزام لڳايو۔ ٺٽو بار ايسوسيئيشن جا صدر اعزاز حسين شاھ ۽ جنرل سيڪريٽري ھوش محمد عباسي چيو ته گورنر آءِني عهدن جو ناجائز استعمال ڪري رهيو آهي ۽ فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي۔ ميرپورخاص ۾ پڻ وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاج ڪيو۔ اڳواڻن چيو ته گورنر جي سرگرميون پاڪستان جي آءِن 1973 جي آرٽيڪل 239 جي خلاف آهن ۽ صوبي جي حيثيت ۾ تبديلي لاءِ مقرر طريقيڪار جي ڀڃڪڙي ڪن ٿيون۔ صدر ۽ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ويو ته گورنر جي غير آءِني سرگرمين جو نوٽيس وٺي کيس عهدي تان هٽايو وڃي۔ ڪراچي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي 109هين اجلاس ۾ به گورنر کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو منظور ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان طاقت جي ورهاست بابت وضاحت طلب ڪئي وئي ۽ گورنر کي غير جانبدار رهڻ ۽ سياسي سرگرمين کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ سڀني احتجاجن ۾ سنڌ جي اتحاد ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو ويو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.