عمران خان کي 6 ڪيسن ۾ ۽ بشريٰ بي بي کي 2 ڪيسن ۾ ضمانت 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي کي 6 ڪيسن ۽ 2 ڪيسن ۾ ضمانت ملي وئي.  ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد افضل مجوڪا ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ باني خلاف 9 مئي تي قتل جي ڪوشش، ڀڃ ڊاهه، باهه ۽ گهيرو ڪرڻ ۽ توشه خانا جي جعلي رسيدن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. بشرا بي بي خلاف ڪوهسار پوليس اسٽيشن ۾ توشه خانا جي جعلي رسيدن جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. پراسيڪيوشن طرفان راجا نويد حسين ڪياني، مظهر بشير ۽ طاهر ڪاظم عدالت ۾ پيش ٿيا. پراسيڪيوشن پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ  بي بي جي ضمانت جي مخالفت ڪئي. اسٽيٽ پراسيڪيوٽر چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف مضبوط ثبوت آهن، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي ضمانت جا حقدار نه آهن، ضمانت جي درخواستن کي رد ڪيو وڃي. بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته منهنجي ۽ عدالت جي ڪيريئر ۾ هي پهريون ڀيرو هوندو ته ضمانت جي درخواستن ۾ ايتري دير ڪئي ويندي آهي، رياست جو رويو عدالت ڏسي ٿي، جيڪو پاڻ ۾ سواليه نشان آهي، هن ڪيس ۾ رياست کي 63 ڀيرا التوا ڏني وئي.عدالت پراسيڪيوشن کان پڇيو ته ڇا توشه خاني جي رسيد هٿ آئي؟ ان تي پراسيڪيوشن چيو ته رسيد هٿ نه آئي، اهي ميڊيا ۾ جعلي رسيدون هلائيندا رهيا.

پي ٽي آءِ کي ڀت سان نه لڳايو: مشاهد حسين

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته ملڪ کي ڏنڊي” نه پر “هيلنگ ٽچ” جي ضرورت آهي،پاڪستان کي سختي بدران مذاڪرات ۽ مفاهمت جي ضرورت آهي،پي ٽي آءِ  جهڙي وڏي عوامي سياسي قوت کي ڀت سان لڳائڻ بدران قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته پاڪستان جي افغان پاليسي هڪ تاريخي موڙ تي آهي،ماضي ۾ افغان طالبان کي “پنهنجا ڇوڪرا” سمجهيو ويندو هو.هاڻي موجوده عسڪري قيادت پراڻي “اسٽريٽجڪ ڊيپٿ” سوچ کان لاتعلقي اختيار ڪئي آهي،هن چيو ته ٽرمپ ايران سان جنگ بدران “ڊيل” کي ترجيح ڏيندو.ايران ڪو ڪمزور ملڪ ناهي؛ وڏي آبادي ۽ مضبوط رياستي ڍانچي وارو ملڪ آهي.هن چيو ته بلوچستان ۾ “انڊيا-اسرائيل ڳٺ جوڙ” هڪ خطرو بڻجي رهيو آهي.واشنگٽن ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ  بلوچ اسٽڊيز پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي.مقصد مبينا طور پاڪستان ۽ ايران جي بلوچ علائقن ۾ بيچيني وڌائڻ آهي.هن چيو ته بلوچستان جو حل فوجي آپريشن نه، پر سياسي ڊائلاگ آهي.جيڪڏهن ووٽ جو آواز نه ٻڌو ويندو ته بيچيني وڌندي.

جيل مينيوئل ۾ اِهو ناهي ته قيدي جو علاج سندس مرضي موجب ٿئي: اعظم نذير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جيل مينيوئل ۾ اهو ناهي لکيل ته قيدي جو علاج سندس مرضي موجب ٿيڻ گهرجي. سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار اعظم نذير تارڙ چيو ته عمران خان کي گذريل ڏينهن شيڊيول موجب ۽ سندس رضامندي سان پمز اسپتال آندو ويو، جتي چار ماهر ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو. قانون واري وزير ٻڌايو ته عمران خان جي اسپتال منتقلي لاءِ رات جي وقت جو تعين سيڪيورٽي ۽ لا اينڊ آرڊر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ هوندو آهي ته کيس اسپتال آندو ويندو آهي. اعظم نذير تارڙ موجب، الشفا آءِ اسپتال مان ڊاڪٽر نديم ۽ پمز مان پروفيسر عارف عمران خان جو معائنو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري کانپوءِ پي ٽي آءِ باني کي ٻيو ڊوز به ڏنو ويو آهي، جڏهن ته جيل مينيوئل ۾ اهو لکيل ناهي ته قيدي جو علاج سندس مرضي موجب موجب ٿيڻ گهرجي.وڌيڪ چيو ته عمران خان جو پروفيسر آف جنرل هيلٿ به معائنو ڪيو ۽ ڪا به ڳڻتي ڳالهه سامهون ناهي آئي، پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت بيان پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مشوري تي ڏئي رهيو آهيان، اسان عمران خان جي صحت لاءِ دعاگو آهيون.

عمران خان کي گذريل رات دير سان پمز اسپتال نيو ويو

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان کي گذريل رات دير سان سندس اکين جي علاج  کان پوءِ جي ضروري ٽريٽمينٽ لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس اينٽي وي اي جي ايف انجڪشن جو ٻيو دوز ڏنو ويو. کيس سخت سيڪيورٽي هيٺ اڊيالا جيل مان اسپتال آندو ويو ۽ طبي علاج کان پوءِ واپس جيل منتقل ڪيو ويو. اسپتال انتظاميا پاران جاري ڪيل بيان موجب، منتقلي اڳواٽ ترتيب ڏنل طبي شيڊول تحت ڪئي وئي. ياد رهي ته عمران خان کي ٻئي ڀيري پمز اسپتال آندو ويو هو. ان کان اڳ، هو 24 ۽ 25 جنوري تي اکين جي معائني ۽ علاج لاءِ اسپتال به آيو هو. ان وقت ڊاڪٽرن سندس اکين جي علاج لاءِ ٽي انجيڪشن لکيا هئا، جن مان هاڻي ٻيو ڊوز ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٽيون انجيڪشن 23 مارچ تي لڳڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.