اسلام آباد (بيورو) حڪومت هارين کان سستي اگهه تي ورتل ڪڻڪ مهانگي اگهه تي 4150 رپيا في مڻ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان اسٽاڪ هولڊنگ ڪمپني جا 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ذخيرا وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ درآمدي ڪڻڪ جو ريزرو اگهه 3800 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪيو ويو. ترقياتي منصوبن جا فنڊ منتقل ڪرڻ ۽ ٽيڪنيڪل گرانٽن جي منظوري به ڏني وئي، مالي ۽ زرعي شعبي ۾ شفاف ۽ اثرائتن انتظامن تي زور ڏنو ويو.