ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي جي فائر فائٽنگ ۽ ايمرجنسي رسپانس نظام کي جديد بڻائڻ ۽ نئون شروعاتي انتباهي عوامي الرٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ لاءِ 33۔ 7 ارب رپين جي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي۔ ڪابينا مزدورن جي حقن بابت اهم فيصلو ڪندي زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورت مزدورن لاءِ برابر اجرت، ڪم جا مقرر ڪيل ڪلاڪ، ويم جون سهولتون، صحت ۽ ٻارن جي خوراڪ تائين رسائي، ڪم جي هنڌ تي هراسانگي کان تحفظ، لکت ۾ معاهدو ۽ يونين سازي جو حق ڏيڻ جي به منظوري ڏني۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪئي۔ ايمرجنسي رسپانس سروسز جي اپ گريڊيشن : وڏي وزير صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ۽ سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 کي جديد بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي ارب رپين جي منصوبي جي منظوري ڏني۔ ڪابينا حڪومت کان حڪومت (G2G) بندوبست تحت خاص اوزار ۽ گاڏيون حاصل ڪرڻ لاءِ چيني قونصل خاني سان رابطو ڪرڻ جي به اجازت ڏني۔ خريداري ۾ 100 فائر ٽينڊر، 35 واٽر باؤزر، خاص اسنارڪلز ۽ 50 آل ٽيرين فائر وهيڪل شامل هوندا۔ جديد فائر فائٽنگ لاءِ اٺ فائر فائٽنگ ڊرون، 12 ملٽي پرپز ڊرون ۽ نئون شروعاتي خبردار ڪندڙ عوامي الرٽ سسٽم به حاصل ڪيو ويندو۔ منصوبي جي ٽوٽل لاڳت 33۔ 7 ارب رپيا آهي، جيڪا ٽن مالي سالن دوران اوزارن، انفراسٽرڪچر ۽ عملي تي خرچ ڪئي ويندي۔ وڏي وزير گهرو وزير ۽ وزير بلديات تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو۔ ڪابينا سنڌ عورت زرعي مزدور ايڪٽ 2019 تي عملدرآمد لاءِ سنڌ عورت زرعي مزدور قاعدا 2026 تي غور ڪيو جن جو مقصد زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي قانوني سڃاڻپ ۽ تحفظ مُهيا ڪرڻ آهي۔ انهن قاعدن جو مسودو انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ٽيڪنيڪل سهڪار سان تيار ڪيو ويو ۔ قاعدن تحت “بينظير عورت زرعي مزدور ڪارڊ” جاري ڪرڻ ۽ “بينظير وومين سپورٽ پروگرام” قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي۔ ڀڃڪڙي وارن ڪيسن جي ٻڌڻي ليبر ڪورٽن ۾ ٿيندي جتي ڏنڊ ۽ قيد جون سزائون مقرر هونديون۔ ڪابينا زراعت ۽ محنت وارن وزيرن تي مشتمل ڪميٽي به جوڙي آهي ۔ سنڌ جي محنت کاتي صنعتي ضابطن کي جديد بڻائڻ ۽ صوبي ۾ ڪاروبار لاءِ سهولت پيدا ڪرڻ خاطر اهم قانوني ترميمون تجويز ڪيون۔ اهي سڌارا سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ (ايس-باس) قدمن تحت ڪيا پيا وڃن جنهن جي اڳواڻي محڪمه سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ۽ عالمي بئنڪ ان جي سهڪار ڪري رهي آهي۔ سنڌ فيڪٽرز ايڪٽ 2015 جي دفعه 10 ۾ ترميم تحت فيڪٽري مالڪن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ جو نوٽيس آن لائن جمع ڪرائڻ لازمي هوندو۔ اي-لائسنسنگ پورٽل جي نفاذ جي به حمايت ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري 30 مئي 2024 تي ڪابينا ڏني هئي ۽ اهو 16 کاتن کي سهولتون مُهيا ڪندو۔ دڪانن ۽ واپاري ادارن لاءِ آن لائن درخواست جمع ڪرائڻ شرط ڏهه ڏينهن لاءِ عبوري سرٽيفڪيٽ پاڻمرادو جاري ٿيندو۔ جيڪڏهن آن لائن پورٽل لڳاتار ڏهه ڏينهن تائين دستياب نه هجي ته قانون تحت هٿ سان درخواست ڏيڻ جي اجازت هوندي۔ ۔ ڊجيٽلائيزيشن سان گڏ مزدورن جي معيار ۽ قانوني طريقيڪار ۾ به بهتري آندي وئي آهي۔ سنڌ فيڪٽرز ايڪٽ جي دفعه 57 ۾ ترميم تحت ڪو به بالغ مزدور روزانو نو ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم نه ڪندو جيئن قلم 54 ۾ هفتي واري حد مقرر آهي۔ ۔ سنڌ ڪابينا، ناڻي بابت ڪابينا ڪميٽي پاران منظور ڪيل 23766۔ 941 ملين رپين جي فيصلن جي توثيق ڪئي۔ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن تحت روڊن جي بحالي لاءِ 8، 530 ملين رپين جي گرانٽ منظور ڪئي وئي۔ گل پلازه ۾ لڳل باهه کان متاثر واپارين کي 7000 ملين رپين جو معاوضو ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي۔ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع حبيب انشورنس/ايڪسچينج بلڊنگ جي خريداري لاءِ 1570 ملين رپيا ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن تحت بحالي ڪم لاءِ 5206۔ 941 ملين رپيا منظور ڪيا ويا۔ ڪچي علائقن ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائين لاءِ سنڌ پوليس کي 560 ملين رپيا ۽ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام (پي آءِ ٽي پي-ٽو) لاءِ 900 ملين رپيا رکيا ويا۔ رمضان پرائس ڪنٽرول: اجلاس جي شروعات تي سيد مراد علي شاه بابرڪت مهيني رمضان جي حرمت تي زور ڏيندي صوبي ڀر ۾ سخت اگهن جي ڪنٽرول ۽ خوراڪ جي شين جي اعليٰ معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ واضح هدايتون جاري ڪيون۔ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه فوري قدمن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 23 فيبروري تي اگهن جي جانچ لاءِ 870 دڪانن جو معائنو ڪيو ويو۔ 119 هنڌن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن سرڪاري اگهن تي شين جي نيلامي ڪرائي۔ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (SEPRA): ڪابينا سيپرا جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي۔ هي نئون قانوني ادارو National Electric Power Regulatory Authority جهڙي طرز تي سنڌ ريگيوليشن آف اليڪٽرڪ پاور سروسز ايڪٽ 2023 تحت قائم ڪيو ويو آهي۔ سليڪشن ڪميٽي جي سفارش تي رفيق احمد شيخ کي چيئرمين سيپرا مقرر ڪيو ويو۔ ميمبر ٽيڪنيڪل اينڊ ڊولپمينٽ لاءِ نند لال پي شرما، ميمبر ليگل اينڊ ڪارپوريٽ لاءِ ارتضيٰ الرحمان ۽ ميمبر فنانس اينڊ پاليسي لاءِ محمد حنيف ادريس کي بنيادي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو آهي۔ ڪابينا غلام الله شيخ جي بطور ميمبر (لاءِ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ مقرري جي به منظوري ڏني۔ سنڌ ڪابينا بلوچستان صحت کاتي ۽ سنڌ سينٽر فار آٽزم ريھبليٽيشن اينڊ ٽريننگ (CARTs)، خاص فردن بابت بااختيار کاتي (DEPD) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جيئن بلوچستان ۾ آٽزم بحالي خدمتن جي قيام ۾ سهڪار مُهيا ڪري سگهجي۔ هن مفاهمتي يادداشت تحت ڪوئيٽا ۾ بلوچستان انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ سروسز اندر سي آرٽس جي طرز تي هڪ مرڪز قائم ڪيو ويندو۔ سنڌ حڪومت ٽيڪنيڪل سهڪار، عملي جي تربيت، صلاحيتن ۾ واڌ ۽ آپريشنل رهنمائي مُهيا ڪندي۔ ڪابينا ڪراچي ۽ الماٽي وچ ۾ سسٽر سٽي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ “ٽوئننگ ايگريمينٽ” جي باقاعده منظوري ڏني آهي۔ هن قدم جو مقصد ٻنهي واپاري مرڪزن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي۔ هن ڀائيواري تحت واپار، سيڙپڪاري، هٿرادو ذهانت (AI) ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (IT) ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو۔ شهري منصوبابندي، ٽرانسپورٽ، صحتِ عامه ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ ماهرن جي مٽاسٽا ڪئي ويندي۔ سياحت جي فروغ ۽ نوجوانن ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا ويندا۔ سنڌ ڪابينا يونين ڪونسل 16 بائجي شريف جي چيئرمين شفقت الله ڀٽو کي سنگين بدانتظامي ۽ بدعنواني جي الزامن تي برطرف ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي۔ اهو قدم وائيس چيئرمين علي اصغر ڪلهوڙو جي شڪايت تي کنيو ويو۔ صوبائي لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جي انڪوائري کانپوءِ کيس قصوروار قرار ڏنو ويو۔ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ٻيهر چونڊ لاءِ معاملو موڪلڻ جي سفارش جي توثيق ڪئي وئي آهي۔ عبوري طور انتظامي ذميواريون وائيس چيئرمين حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ ڪمرشل پلاٽ کي امينٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري: ڪابينا (ايل آر بي ٽي) Layton Rahmatulla Benevolent Trust جي درخواست منظور ڪندي North Nazimabad Block B Scheme 02 ۾ واقع پلاٽ نمبر ايس ڊي-19 (ايراضي 1000 اسڪوائر گز) جي زمين جي حيثيت ڪمرشل کان امينٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جيئن اتي فلاحي اکين جو اسپتال قائم ڪري سگهجي۔