اسلام آباد/ڪراچي(محمد مالڪ+سنجي ساڌواڻي)صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي معاملي تي پارٽي قيادت جو سخت ڪلاس وٺي ڇڏيو،وڏي وزير ۽ ڪراچي جي ميئر کي گهڻيون سخت ڳالهيون ٻڌڻيون پيون،نتيجن لاءِ ٽن مهينن جو وقت ڏنو ويو،صدر آصف علي زرداري ٻن ٽن ڏينهن کان ڪراچي ۾ ترسيل آهي، اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي،پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اجلاس ۾ شريڪ هو،صدر زرداري ڪراچي جي لاهور ۽ ٻين شهرن سان ڀيٽ ۽ ميڊيا تنقيد تي ناراضگي جو اظهار ڪيو،صدر زرداري سوال ڪيو ته توهان ٻڌايو ته پئسن،اختيارن ڪهڙي شئي جي کوٽ آهي،نتيجا ڇو نه پيا ملن، ٽن مهينن ۾ عوامي شڪايتن ۾ گهٽتائي ۽ واضح فرق نظر اچڻ گهرجي،صدر زرداري چيو ته هتي روڊ دير سان ٺهندا آهن ته محسن نقوي کان پڇيو انڊر پاس 60 ڏينهن ۾ ڪيئن ٺهندو آهي؟صدر زرداري چيو ته مون کي ڪراچي ۾ اسلام آباد جهڙا روڊ کپن،جڏهن ته اجلاس ۾ پ پ قيادت گورنر هائوس ۾ ڪامران ٽيسوري پاران ڪراچي بابت ڪوٺايل ڪانفرنس واري معاملي تي سخت ناراض نظر آئي،طئي ڪيو ويو ته ڪجهه معاملن ۾ 28 هين ترميم جي حمايت ڪئي ويندي پر هاڻي گورنر تبديل ٿيندو،اجلاس ۾ نئين صوبي بابت ڪا به ڳالهه نه ٻڌڻ جو فيصلو به ڪيو ويو،ٻئي پاسي پيپلزپارٽي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ڪراچي جي ترقياتي رٿائن جي ڪميٽي ۾ شموليت جي تجويز رد ڪري ڇڏي،بلاول ڀٽو زرداري سميت پارٽي صدر آصف علي زرداري تي واضح ڪري ڇڏيو ته شهر جا منصوبا شهري ۽ صوبائي حڪومت ڏسندي،محسن نقوي ڪراچي ۾ جاري ايف ڊبليو او جي ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺي سگهي ٿو،پارٽي جوموقف هو ته محسن نقوي کي صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي،