ٺل (عوامي آواز رپورٽ) ٺل ويجهو چوري جي ڪوشش، فائرنگ، ڀاڳيو قتل ٿي ويو، 2ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ چور به مارجي ويو، مقتول نوجوان جي وارثن جو چور قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو، ٺل ويجهو باهوکوسو ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ عبدالرحيم کوسو ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران گهرڌڻي سجاڳ ٿي پيا، جنهن دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ڀاڳيو هادي بخش کوسو قتل ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن تي ڀاڳين هٿان هڪ چور به مارجي ويو، پوليس موجب مارجي ويل چور جي سڃاڻپ سرور عرف سرو جتوئي جي نالي سان ٿي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻئي پاسي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڳوٺاڻي هادي بخش کوسو جي قتل خلاف وارثن ۽ برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته بدامني وڌي وئي آهي، بيگناهه اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، هڪ چور مارجي ويو آهي، باقي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.