رياست جي بيانيي کان انحراف ڪندڙ ماڻهو هميشه مشڪلاتن جو شڪار رهيا آهن۔ جڏهن دنيا ۾ بادشاهتون قائم هيون ته بادشاهه جي بيانيي کي قبول نه ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون۔ عام طور اهڙن ماڻهن کي غدار قرار ڏئي ڦاهي ڏني ويندي هئي۔ ڪيترن کي زندان خاني ۾ موڪلي وساري ڇڏيو ويندو هو۔ ڪجهه ماڻهو جيل ۾ ئي فوت ٿي ويندا هئا يا سالن جا سال قيد ۾ رهندا هئا۔ مغل بادشاهن پنهنجن اڳوڻن وانگر غدارن جي سرن جا مينار ته نه ٺاهيا، پر موت جي سخت ترين سزا برقرار رکي۔ مغل بادشاهن جا دشمن اڪثر سندن ويجها مائٽ به هوندا هئا۔ مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي حڪم تي سندس والد شاهجهان کي عمر ڀر قيد ۾ رکيو ويو ۽ ڀاءُ دارا شڪوه ۽ مراد بخش کي ڦاسي ڏني وئي۔
جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان تي قبضو ڪيو ته 1857ع جي جنگِ آزادي جي ناڪامي کان پوءِ هزارين ماڻهن کي ڦاهي ڏني وئي۔ مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي هڪ ٿال پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سندس پٽن جا ڪٽيل سر هئا۔ بعد ۾ جڏهن ڪمپني جديد نظام لاڳو ڪيو، پوليس ۽ عدالتي نظام قائم ٿيو ته سياسي مخالفن کي سزا طور بحيره هند جي جزيري انڊيمان موڪليو ويندو هو، جتي گهڻا ماڻهو ئي ختم ٿي ويندا هئا۔
20هين صدي جي شروعات تائين هندستان ۾ سياسي پارٽيون، مزدورن، هارين ۽ دانشورن جون تنظيمون قائم ٿي چڪيون هيون۔ انگريز حڪومت محدود اختيارن وارو بلدياتي نظام به قائم ڪيو۔ صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾ آزاديءَ جي تحريڪ نئين انداز سان شروع ٿي۔ خلافت تحريڪ، ڪانگريس جي سوديشي تحريڪ ۽ عدم تعاون جون تحريڪون هليون۔ انهن تحريڪن ۾ لکين ماڻهن گرفتاريون ڏنيون ۽ سوين سرڪاري نوڪرين تان استعيفا ڏنا۔ 1894ع ۾ Prison Act نافذ ڪيو ويو، جنهن ۾ جيلن جي انتظام ۽ قيدين جي حقن جو تعين ڪيو ويو۔ جڏهن پڙهيل لکيل ماڻهو سياسي تحريڪن ۾ رضاڪارانه جيل ويا ته پراڻن جيل قانونن ۽ قيدين جي حقن جو مسئلو اخبارن ۽ عدالتن جو موضوع بڻيو۔ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سياسي قيدين جي حالت تي سوال اٿاريا ويا، جنهن بعد 1919-1920ع ۾ جيل سڌارن لاءِ ڪميٽي ٺهي ۽ جيل مينوئل ۾ تبديليون ڪيون ويون۔
گذريل صديءَ جي 45 سالن دوران ڪانگريس، جمعيت علماءِ هند، ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٻين انقلابي تنظيمن جا اڳواڻ جيل ويا۔ انهن ۾ مهاتما گانڌي، پنڊت جواهر لعل نهرو، سندس گهرواري ڪملا نهرو، مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ مولانا حسرت موهاني شامل هئا۔ 1935ع ۾ جڏهن جواهر لعل نهرو نظربند هئا ته ڪملا نهرو کي ٽي بي ٿي وئي، علاج لاءِ سوئٽزرلينڊ موڪلي وئي۔ حڪومت نهرو کي پيرول تي آزاد ڪيو ته هوءَ سان ملي سگهي۔ جڏهن “هندوستان ڇڏيو تحريڪ” دوران اڳواڻ احمد نگر قلعي ۾ قيد هئا ته مولانا ابو الڪلام آزاد کي سندن گهرواري جي بيماري ۽ وفات جي خبر خط ذريعي ملي۔
آزاديءَ جي هيرو ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين کي جيل مينوئل موجب سهولتون نه مليون۔ هنن 15 جون 1929ع تي خراب سهولتن خلاف بک هڙتال شروع ڪئي۔ 63 ڏينهن جي هڙتال دوران سندن ساٿي جتن نارٿ داس وفات ڪري ويو۔ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به انگريز دور جا جيل قانون برقرار رهيا۔ حڪومتن سياسي مخالفن کي بغاوت، دفعه 144 جي ڀڃڪڙي ۽ دشمن جو ايجنٽ هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو۔ خان عبدالغفار خان، ولي خان، خدائي خدمتگار تحريڪ جا ڪارڪن، بلوچستان جا عبدالصمد اچڪزئي، پنجاب ۽ سنڌ جا ڪميونسٽ اڳواڻ، مزدور ۽ شاگرد اڳواڻ گرفتار ٿيا۔ صحافي حميد اختر پنهنجي ڪتاب “ڪال ڪوٺري” ۾ جيلن جي حالتن کي ظاهر ڪيو۔ هن لکيو ته صحافي حسن عابدي ملتان جيل ۾ قيد هئا ۽ هڪ ڪبوتر سان ڳالهائيندا هئا، جنهن کي جيل سپرنٽنڊنٽ سندن سامهون ذبح ڪري ڇڏيو۔
1956ع ۾ جيل سڌارن لاءِ ڪميٽي ٺهي، پر ٿوريون تبديليون ٿيون۔ قيدين تي تشدد ۽ بيڙيون لڳائڻ جو سلسلو جاري رهيو۔ ايوب خان جي دور ۾ سياسي قيدين تي شاهی قلعي ۾ سخت تشدد ٿيو۔ ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر اتي تشدد سبب مارجي ويا۔ ان دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي به گرفتار ڪيو ويو۔ ڀٽو جي دور ۾ ڪجهه قانوني سڌارا ٿيا، پر سياسي قيدين سان خراب سلوڪ جاري رهيو۔ جماعت اسلامي جا امير ميان طفيل محمد به تشدد جو شڪار ٿيا۔جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا۔ نذير عباسي تشدد سبب شهيد ٿيو۔ سهيل سانگي، پروفيسر جمال نقوي، شبير شر ۽ ڪمال وارثي کي لانڍي جيل ۾ 18 مهينا اڪيلي قيد ۾ رکيو ويو۔ نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو 8 مهينا سکر جيل ۾ قيد رهيون۔ بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻجڻ بعد جيل سڌارن جا قدم کنيا، پر وڏيون تبديليون نه اچي سگهيون۔
نواز شريف جي دور ۾ ڪرپشن الزامن تحت گرفتاريون ٻيهر شروع ٿيون۔ آصف زرداري لڳ ڀڳ 10 سال جيل ۾ رهيا، جنهن مان گهڻو وقت اسپتالن ۾ گذاريو۔ پرويز مشرف جي دور ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف گرفتار ٿيا۔ بعد ۾ نواز شريف سعودي عرب هليا ويا۔ 2008ع ۾ پيپلز پارٽي حڪومت دوران سياسي بنيادن تي گرفتاريون گهٽ ٿيون۔ پوءِ نيٺ تحريڪ انصاف جي دور ۾ نواز شريف بيمار ٿيڻ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان لنڊن ويا۔
موجوده دور ۾ 9 مئي جي واقعن کان پوءِ تحريڪ انصاف جا ڪيترائي اڳواڻ جيلن ۾ آهن، جن ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد به شامل آهن، جيڪي ڪينسر جي مريضه آهن۔ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان جي اکين بابت ميڊيڪل رپورٽ جاري ٿي، جنهن موجب هڪ اک جي نظر 15 سيڪڙو رهجي وئي آهي۔ حڪومت ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو دير سان صحيح پر مناسب قدم آهي۔
1857ع کان وٺي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مخالف بيانيو رکندڙ سياسي اڳواڻن، دانشورن ۽ صحافين سان سٺو ورتاءُ نه ٿيو آهي۔ جديد ملڪن ۾ جمهوري روايتون مضبوط آهن۔ برطانيا ۽ يورپ ۾ حڪومت جي مخالفت ڪندڙن سان به عزت وارو رويو رکيو ويندو آهي۔ انهن ملڪن جي ترقيءَ جو هڪ وڏو سبب تنقيد جي حق جو احترام آهي، جڏهنته اسان اڃا به هن شعبي ۾ پوئتي آهيون۔