واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان ايران جي جواب جو ڪجهه ڏينهن تائين انتظار ڪنداسين، جيستائين ايران سان ڪو معاهدو نه ٿو ٿي وڃي، ايران کي ڪا به رعايت فراهم نه ڪئي ويندي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته اسان کي صحيح جواب حاصل ڪرڻو پوندو، آمريڪا جو جن ايراني اڳواڻن سان رابطو آهي، اهي سمجهدار ماڻهو آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته ايران معاهدو ڪرڻ لاءِ بي تاب آهي، هن ساڳئي وقت ڌمڪي پڻ ڏني ته جيڪڏهن ايران سان معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا ٻيهر حملو ڪري سگهي ٿو.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران ۾ ماڻهن جي حالت انتهائي خراب آهي، هو معاهدو چاهي ٿو، ايران جي اندر بدترين معاشي صورتحال سبب عوام ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ موجود آهي، ايران واري جنگ کي اڃا رڳو ٽي مهينا ٿيا آهن، جنهن ۾ به گهڻو وقت جنگبندي رهيو آهي، آبنائي هرمز کي به کوليو ويندو، پر مون کي ڪا جلدي ناهي.
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران بدترين شڪست کي منهن ڏئي رهيو آهي، ايران کي تمام گهڻو تباهه ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ شيون ڏسڻ لاءِ ملنديون، ايران سان معاهدي بابت ڪا جلدي ناهي.
ان کانسواءِ ٽرمپ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته سندس ترڪ صدر سان فون تي سٺي گفتگو ٿي آهي.
ڪيوبا جو ذڪر ڪندي ٽرمپ چيو ته ڪيوبا جي حالت تمام خراب آهي، اسان کي ڪيوبا جي عوام جي مدد ڪرڻي پوندي.
واضح رهي ته ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪا طرفان نيون تجويزون موصول ٿيون آهن، ايران انهن نون آمريڪي تجويزن جو جائزو وٺي رهيو آهي.
اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جو گهرو وزير محسن نقوي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ايران ۾ موجود آهي، ايران جي 14 نقطن جي بنياد تي آمريڪا سان پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي.