واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ميڊيا چينل انٽيليجنس حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته ايران جي فوجي بحالي اميد کان وڌيڪ تيزي سان ٿي رهي آهي.
آمريڪي چينل موجب ايران ٻيهر ڊرون جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي، ايران جي تيارين سبب علائقي ۾ سيڪيورٽي خدشا هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي ويا آهن.
ان حوالي سان هڪ آمريڪي عملدار چيو آهي ته ايرانين بحالي جي معاملن ۾ انٽيليجنس ڪميونٽي جي سڀني اندازن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
هوڏانهن آمريڪي نيوز ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان ممڪن معاهدي جي تجويزن تي ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.
نيوز ويب سائيٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ٻڌايو آهي ته ثالث اظهارِ ارادي واري خط تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن تي آمريڪا ۽ ايران صحيحون ڪندا.