اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو آهي ته ڳالهين ۽ پارلياماني سياست ڪرڻ جو فيصلو تحريڪ انصاف جو نه، پر حڪومت جو آهي. حقيقت اها آهي ته اڃا تائين شهباز شريف ۽ انهن جا وزير هر اهڙو ڪم ڪري چڪا آهن جنهن سان ملڪ ۾ سياسي گرمي وڌي، انتشار برقرار رهيو ۽ سياست جو ماحول ئي هيجان جو شڪار رهيو،هن چيو ته ملڪ ۾ سياست ڪرڻي آهي يا مسلسل احتجاجي حالت رکڻي آهي، اهو فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي، اپوزيشن کي نه. جڏهن توهان پنهنجن مخالفن کي ڀتين سان لڳائي ڇڏيندا، ته پوءِ اها توقع نه رکڻ گهرجي ته ملڪ ۾ معاملا نارمل هلندا رهن!