اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلن ۽ سزا معطلي درخواستن تي ٻڌڻي، تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي اپيلڪالهه ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، جسٽس محمد آصف ٻڌڻي سرانجام ڏيندو، جسٽس محمد آصف اپيلن تي ٻڌڻي ڪندو، جڏهن ته ايمان مزاري ۽ هادي چٺا جي سزا معطلي لاءِ درخواستون پڻ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون، ايمان مزاري ۽ هادي چٺا 24 جنوري جي ٽرائل ڪورٽ جي حڪم کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي کي تقريبن 10-10 سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي.