ڪنڌڪو (رپورٽ:ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ڀرسان دراني مھر ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ ڪارڙا چاچڙن جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا ٻھ سخت زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ چاچڙ برادري جا ٻھ نوجوان ٽيھه ورھين جو شبير چاچڙ ۽ پنجويھه سالن جو انور چاچڙ شامل آهن، جڏھن ته جاگيراڻي برادري جو پنجٽيھن سالن جو امان الله جاگيراڻي شامل آھي، جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جو ھڪ ھڪ ڄڻو مشڪول جاگيراڻي ۽ عيدو چاچڙ به سخت زخمي ٿيا، فائيرنگ جو سلسلو صبح کان ئي جاري رھيو جيڪو ٻن ڪلاڪن تائين ھلندو رھيو، حد جي پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھنڌ رواني ٿي وئي پر اھو علائقو پوليس لاءِ نو گو ايريا ھجڻ سبب پوليس صرف علائقي کي گھيرو ڪري ڌرين کي فائيرنگ بند ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ لڳي، ٻن ڪلاڪن جي فائرنگ بند ٿيڻ کانپوءِ مقتول شبير ۽ انور چاچڙ کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آڻي مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته مقتول امان الله جاگيراڻي جو لاش نه آندو ويو، ٻئي پاسي علائقي ۾ فائرنگ سبب ڏھڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻھو خوف سبب گھرن ۾ لِڪي ويا، آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.