اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، عمران خان جي آزادي لاءِ فورس ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته مون کي باني طرفان اسٽريٽ موومينٽ جي ذميواري ڏني وئي آهي، عدالتي حڪم رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ذاتي ڊاڪٽرن تائين پهچ ناهي ڏني ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ فورس جو اعلان ڪيان ٿو، ان فورس جي رجسٽريشن ڪنداسين، جيڪا آزادي لاءِ پرامن جدوجهد ڪندي، اسان فورس ميمبرن کان حلف وٺنداسين، عمران خان جنهن کي ذميواري ڏيندو، ان کي ان فورس جي ڪمانڊ ڏينداسين.سندس چوڻ هو ته تياري ڪري پوءِ وڙهنداسين، اها ويڙهه جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ آزاد ميڊيا لاءِ هوندي.
-
احتجاج ڪيس: بشريٰ بي بي کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم، عليما جا وارنٽ
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪيڇڏيو. بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي، سندس خلاف رمنا ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي. هوڏانهن راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مسلسل غير حاضري سبب عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت عليما خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي پوليس کي وارنٽ تي عملدرآمد تي هدايت ڪئي.