اسلام آباد (بيورو) عمران خان جي اسپتال منتقلي جي معاملي تي اپوزيشن اتحاد جو احتجاج ٽئين ڏينهن به جاري رهيو، اپوزيشن اڳواڻن طرفان پارليامينٽ هائوس، پارليامينٽ لاجز ۽ ڪي پي هائوس۾ ڌرڻا جاري رهيا، راڄڌاني جا مصروف روڊ به مڪمل بند رهيا. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي الشفا اکين جي اسپتال منتقلي تائين ڌرڻو جاري رهندو. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته ذاتي ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۾ عمران خان جو ڪو علاج شروع نه ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي طبي معائني لاءِ حڪومت جو ميڊيڪل پينل ڇنڇر ۽ آچر واري رات اڊيالا جيل نه اچي سگهيو، ميڊيڪل بورڊ جي سفارش جي روشني ۾ عمران خان کي اسپتال منتقل ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت ميڊيڪل بورڊ جي سفارش جي روشني ۾ عمران خان کي اسپتال منتقل ڪندي. پي ٽي آءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته عمران خان جي اک جي طبي معائني بابت حڪومت ۽ جيل انتظاميا جي طرز عمل کي رد ڪيون ٿا. اپوزيشن پارٽي چيو ته حڪومت طرفان اهو چوڻ ته پارٽي قيادت کي پيغام ڏنو ويو هو ته هو معائني جي وقت جيل اچي وڃن، اصل ۾ بنيادي مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، معاملو پارٽي قيادت جي موجودگي يا غير موجودگي جو ناهي. حساس معاملن ۾ فيصلو ڪرڻ جو آئيني، اخلاقي ۽ قانوني حق عمران خان جي فيملي جو آهي. ذاتي ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ علاج کانسواءِ ڪنهن به عمل کي شفاف، اعتماد جوڳو ۽ قابلِ قبول نه سمجهيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ ڏنل ڌرڻي ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر راجا ناصر عباس ۽ تحريڪ انصاف جو چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان سميت اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر شامل هئا. خيبرپختونخوا هائوس جي در تي ڏنل ڌرڻي ۾وڏو وزير سهيل آفريدي، سندس صوبائي ڪابينا ميمبر، اڳوڻو وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور ۽ ٻيا اسيمبلي ميمبر موجود هئا.