لوڪل باڊي نظام ۾ بهتري لاءِ ترميمون ڪيون وڃن ته ڪنهن کي به اعتراض نه هئڻ گهرجي: نثار کهڙو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار احمد کهڙي لوڪل باڊي نظام بابت چيو آهي ته جيڪڏهن ان ۾ بهتري لاءِ ترميمون ڪيون وڃن ته ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي.
نثار احمد کهڙي حڪومت تي ڪنهن به قسم جي دٻاءَ جي ترديد ڪندي چيو ته ون يونٽ پاڪستان جي تباهي جو سبب بڻيو.
هن چيو ته چار صوبن کي گڏ ڪري ون يونٽ ٺاهڻ ۽ اوڀر پاڪستان سان برابري قائم ڪرڻ سبب محرومي جو احساس وڌيو، جنهن جو نتيجو نيٺ اڌ پاڪستان وڃائڻ جي صورت ۾ نڪتو.

You might also like