عمران خان جي اکين بابت فيصلو وڪيل نه ماهر ڊاڪٽر ڪندو : طلال چوڌري

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان کي اکين سان ڪيترو نظر اچي ٿو ۽ سندس نورڪيترومتاثر ٿيو آهي، ان جو فيصلو ڪو وڪيل نه پر ماهر ڊاڪٽر ڪندو۔پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي وڪيل کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجي ڪلائنٽ جي ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪرائي، قانون جي حڪمراني جو ان کان وڏو مثال ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟باني پي ٽي آءِ کي علاج جون سهولتون ملي رهيون آهن ۽ کين هر شيءِ وقت سر  فراهم ڪئي وڃي ٿي،هن چيو ته  پي ٽي آءِ هاڻي همدردي وارو ڪارڊ کيڏي رهي آهي، 8 فيبروري جي احتجاج ۾ ناڪامي کان پوءِ اهي باني پي ٽي آءِ جي صحت جي معاملي پٺيان لڪڻ چاهين ٿاهوڏانهن وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ چيو آهي ته عمران خان سان جيل ۾ مبينا بدسلوڪي ۽ خراب حالتن بابت بيانيو بي بنياد ثابت ٿيو آهي، ۽ روزمره معمولات ۽ خوراڪ بابت جاري ڪيل رپورٽ سڀ ابهام ختم ڪري ڇڏيا آهن۔سندس چوڻ هو ته اڳوڻي وزيراعظم کي جيل ۾ سڀ سهولتون ميسر آهن ۽ کين ٻين قيدين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مراعتون حاصل آهن۔حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ منفي پروپيگنڊا دم ٽوڙي ڇڏيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.