بدين/ملڪاڻي (پ ر) عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ طرفان ڳوٺ مهاديو سولنڪي ۾ “هارين ۽ ننڍن آبادگارن جو معاشي قتلام بند ڪريو” جي عنوان سان هاري آبادگار ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مقامي هارين، آبادگارن، مزدورن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، پروانو ڪپري، امير بخش جروار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، توڳاچي، هاري اڳواڻ رمضان ڪلوئي، ماوو ڪولهي، آبادگار حاجي علي نواز دلواڻي، ذوالفقار مهر، الجھڙيو مهر، اشرف رند ۽ ٻين خطاب ڪيو. مقرررن چيو ته هاري پورهيو ڪرڻ باوجود بدحالي جو شڪار آهن، فصلن جا مناسب اگهه نٿا ڏنا وڃن ۽ معاشي بحران سبب خودڪشين جا واقعا وڌي رهيا آهن. هنن الزام هنيو ته 13 لک ايڪڙ زمين هارين کي ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن چيو ته ڇهن ڪئنالن واري منصوبي کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي ۽ سنڌو درياهه تي ڪنهن به نئين ڊيم يا ڪئنال کي قبول نه ڪيو ويندو. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڳوٺ آباد اسڪيم تحت هاري ڳوٺ قائم ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، هاري ڪورٽون جوڙيون وڃن، بنا وياج قرض ڏنا وڃن ۽ واهن ۾ پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي.