محفوظ رهائش رڳو ڍانچو نه پر عزت، تحفظ ۽ موقعن جو بنياد آهي: آصفا ڀٽو زرداري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ موسمياتي تبديلي ۽ عوامي بنيادن تي بحالي جو عالمي ماڊل پيش ڪيو ويو جڏهن صوبائي حڪومت ٽي ڏينهن  واري ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم (EPSFF) 2026 جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ دنيا ۽ خطي مان پاليسي ساز، اڳواڻ ۽ انساني همدردي جي ماهرن شرڪت ڪئي. فورم ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، عالمي مالياتي ادارن، سول سوسائٽي ۽ خانگي شعبي جي نمائندن شرڪت ڪئي، جڏهن ته خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، صدارتي خطاب ۾ چيو ته محفوظ رهائش رڳو هڪ جسماني ڍانچو ناهي، پر اهو عزت، تحفظ ۽ موقعن جو بنياد آهي.  وڏي وزير مراد علي شاهه، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ شروع ڪيل سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (SPHF) پروگرام تي روشني وڌي، جيڪو 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ شروع ٿيو، جڏهن صوبي جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصو پاڻي هيٺ آيو ۽ 21 لک کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيا. هن چيو ته ان پروگرام جو مقصد موسمياتي اثرن ۾ آيل گهرن جي تعمير آهي، جنهن ۾ عورتن کي مالڪي ڏيڻ، ان سان گڏوگڏ مالي شموليت ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه فورم ۾ شامل شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ موسمياتي تبديليءَ مان پيدا ٿيندڙ چيلينجز بابت جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ هي فورم مددگار ثابت ٿيندو.  ورلڊ بينڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ (ADB) ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ (IsDB) جي نمائندن پڻ سنڌ جي موسمياتي بحالي پروگرام کي ساراهيو، جڏهن ته يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن (IOM) به پروگرام ۾ شامل آهن. فورم دوران سنڌ ۾ 2022 جي ٻوڏ جي تباهي ۽ ان کانپوءِ ٿيل غير معمولي تعميرِ نو بابت هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن سان گڏ سنڌ جي بحالي ۾ عالمي مدد جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. اهو فورم ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو ته ڪيئن موسمياتي تبديلي، سماجي شموليت ۽ پائيدار رهائش جون پاليسيون گڏجي عوام جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جيڪي موسمياتي خطرن جو شڪار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.