ڪراچي (رپورٽر ) جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ قائم جڊيشل ڪميشن گل پلازا جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن 14 فيبروري تي گل پلازا جو دورو ڪندي. ڪميشن سرڪاري ادارن کي جاچ لاءِ طلب ڪرڻ کان اڳ پوري عمارت جو پاڻ جائزو وٺندي. جوڊيشل ڪميشن گل پلازا جي موجوده صورتحال جو معائنو ڪندي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي باهه لڳڻ کان پوءِ ڪيل ريسڪيو ۽ سرچ آپريشن، موجود رستا ۽ ٻين انتظامن جو به جائزو ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گل پلازا جي دوري کان پوءِ ڪميشن لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس جاري ڪري طلب ڪندي. فائر برگيڊ، ڪي ايم سي، ريسڪيو ادارا، ايس بي سي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويندو.