اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي طرفان نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن کي نيٽ بلنگ تي منتقل ڪرڻ بابت نين ريگيوليشنز خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو، جنهن بعد حڪومت اهو عمل فوري طور روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي نيٽ بلنگ تي منتقلي جو فيصلو عارضي طور معطل يو ويو آهي ۽ نيپرا ريگيوليشنز خلاف اپيل داخل ڪئي ويندي. وزير موجب ملڪ ۾ 20 کان 22 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، جنهن مان 6 کان 7 هزار ميگاواٽ نيٽ ميٽرنگ ذريعي حاصل ٿئي ٿي، جڏهن ته 4 لک 66 هزار واهپيدار هن نظام سان لاڳاپيل آهن. نين ريگيوليشنز تحت خريداري قيمت 27 رپيا في يونٽ برقرار آهي. اويس لغاري چيو ته نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن جو منافعو 50 سيڪڙو مان گهٽجي 37 سيڪڙو رهندو. پيپلزپارٽي اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو ته لکين واهپيدارن حڪومت جي ڪلين انرجي پاليسي تي اعتماد ڪيو، هاڻي نقصانن جو بار انهن تي وڌو پيو وڃي. اجلاس بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو.
نيٽ ميٽرنگ بابت ڪميٽي جلد سفارشون پيش ڪندي: احسن اقبال
ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ٺٽي ڀرسان ڪراچي لاءِ پاڻي aفراهم ڪندڙ اهم منصوبي ڪي فور جو دورو ڪري هلندڙ تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. هن چيو ته وزيراعظم جي خاص هدايتن تي منصوبي جي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ لاءِ هتي آيو آهي. وفاقي وزير موجب، ڪي فور منصوبو ڪراچي شهر کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪندو، جيڪو شهر جي وڌندڙ آبادي ۽ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ اهم آهي. هن منصوبي جي شروعاتي لاڳت 120 ارب رپيا هئي، جيڪا هاڻي نظرثاني ڪري 170 ارب رپين تائين وڌي وئي آهي. هن ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته واپڊا جي ڪارڪردگي اطمينان بخش آهي ۽ منصوبو ڊسمبر 2026 تائين مڪمل ڪرڻ جي اميد آهي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته منصوبو ۾ لائننگ جو ڪم جاري آهي، جنهن سان پاڻي جو ضايع ٿيڻ روڪيو ويندو. هن جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري جي ڳالهه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته نيٽ ميٽرنگ بابت وزيراعظم پاران قائم ڪيل ڪميٽي جلد سفارشون پيش ڪندي. وفاقي وزير ان کان علاوه، ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ ٿر ڪول منصوبي کي وفاقي ۽ صوبي جي تعاون جي اهم مثال قرار ڏنو. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاھ ۽ ٻيا پُڻ موجود هئا.