ڍاڪا(م ڊ) بنگلادیش ۾ 13 هين پارلياماني چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب، بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) 68 سيٽن تي ۽ جماعت اسلامي 20 سيٽن تي اڳتي آهي. حسينا واجد جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ پهرين اليڪشن ۾، بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي. نوجوان نيشنل سٽيزن پارٽي پڻ جماعت اسلامي جي اتحادي آهي. پابندي جي ڪري، عوامي ليگ جا اميدوار اليڪشن ۾ حصو نه وٺي رهيا آهن. بي اين پي جي سربراهه طارق رحمان چيو ته عوامي نظم پهرين ترجيح آهي ته جيئن ماڻهو محفوظ محسوس ڪري سگهن. ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي مشتمل آهي، اسان انهن تي ڌيان ڏينداسين. جماعت اسلامي جي سربراهه شفيق الرحمان چونڊن کي ملڪ لاءِ هڪ اهم موڙ قرار ڏنو ۽ چيو ته عوام جون خواهشون بدلجي رهيون آهن، ۽ جيڪڏهن ووٽنگ آزاد ۽ منصفاڻي ٿي ته اسان نتيجا قبول ڪنداسين. نيشنل سٽيزن پارٽي جي ڪنوينر ناهيد اسلام چيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو بنا ڪنهن پريشاني جي ووٽ ڏنو آهي. نيشنل سٽيزن پارٽي (اين سي پي) جي چيف آرگنائيزر ۽ ڪوميلا جي ديبيدوار 4 حلقي مان 11 پارٽي اتحاد جي اميدوار حسنات عبدالله 4 پولنگ اسٽيشنن تي اڳڀرائي ڪري رهي آهي. غير سرڪاري ۽ غير تصديق ٿيل نتيجن موجب، حسنات عبدالله جي اباڻي شهر جي پولنگ اسٽيشن، گوپال نگر کي 3,084 ووٽ مليا، جڏهن ته سندس مخالف بي اين پي جي حمايت يافته اميدوار محمد اي جاسم الدين کي اتي ڪو به ووٽ نه مليو. ميونسپل سينٽر جي وارڊ 7 ۾، حسنات کي 1,383 ووٽ مليا، جڏهن ته جاسم الدين صرف 480 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. بنگلاديش جي معزول وزيراعظم شيخ حسينا بنگلاديش ۾ نگران حڪومت جي تحت ٿيندڙ عام چونڊن کي "ڊرامائي” معاملو قرار ڏنو آهي. شيخ حسينا، جيڪا هن وقت هندستان ۾ جلاوطن آهي، چيو ته محمد يونس جي نگران حڪومت جي تحت ٿيندڙ چونڊون هڪ "منصوبابندي ڪيل تماشو” هيون. پنهنجي پارٽي جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، هن چيو ته، "عوام جي ووٽ ڏيڻ جي حق، جمهوري قدرن ۽ آئين جي روح کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو. عوامي ليگ ۽ ووٽرن کان سواءِ ڪيل هن جعلي چونڊن ۾ ڪا به شفافيت نه هئي.”