اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال سبب ٿيندڙ نقصانن کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن بابت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو، هاءِ ڪورٽ گهٽ عمر ٻار شنواري جي والدطرفان داخل ڪيل درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته درخواست گذار موجب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گهٽ عمر ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال بابت قانونسازي ڪئي وئي آهي، جسٽس ارباب محمد طاهر ٻن صفحن تي ٻڌل حڪمنامي ۾ وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته 3 مارچ تائين ٻڌايو وڃي ته 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال جي نقصانن کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي جي قيام بابت اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي، پي ٽي اي ۽ پيمرا کي پيرا وائز ڪمينٽس جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ريگوليشن، مانيٽرنگ ۽ پيڪا ۾ تازين ترميمن تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻڌايو وڃي ته گهٽ عمر ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال لاءِ ڪهڙو ريگوليٽري فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي ۽ ٻارن جي عمر جي جانچ لاءِ ڪهڙا مڪينزم لاڳو ڪيا ويا آهن، هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ٻارن کي آن لائين نقصانن کان تحفظ فراهم ڪرڻ انتهائي اهم آهي ۽ ٻارن جي تحفظ بابت آئيني ذميوارين کان به عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. عدالت موجب بغير ريگوليشن سوشل ميڊيا جو استعمال ٻارن لاءِ خطري کان خالي ناهي.