نئون ديرو اسٽيڊيم ۾ اي ايم او اسڪول ڪرڪيٽ ليگ جو افتتاح

نئون ديرو اسٽيڊيم ۾ EMO اسڪول ڪرڪيٽ ليگ جو باقاعده افتتاح اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ سنڌ حوڪمت جي سرپرستي هيٺ ڪيو ويو.
اها ليگ سنڌ حڪومت ۽ پي پي پي نوڊ جي مالي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان جو انتظام HANDS فائونڊيشن پاران ڪيو پيو وڃي.
HANDS فائونڊيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ EMO اسڪولن، لاڙڪاڻو پيڪيج-1 جي باصلاحيت شاگردن وڏي جوش ۽ نظم و ضبط سان پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، تقريب ۾ راندين جي اصل روح، ٽيم ورڪ ۽ صحتمند مقابلي کي نمايان ڪيو ويو.
GHS سعيدوديرو، GHS ڦلپوٽا ۽ GHS پير جو ڳوٺ جي ٽيمن مڪمل تياري سان ميدان ۾ لهندي شاندار مقابلا ڪيا، جن ڏسندڙن کي يادگار لمحا فراهم ڪيا.
هي قدم اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ان مضبوط عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته سنڌ ۾ شاگردن جي جسماني تعليم، هاڪاري مقابلي ۽ مجموعي شخصيت جي واڌ ويجهه لاءِ تعميري راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.