شڪارپور(پ ر+ڊ ر) سنڌ ۾ لاقانونيت،بدامني ۽ قبيلائي جهڙن خلاف شڪارپور جي رستم موڙ کان لکي در تائين جسقم، چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جو امن مارچ، پيادل ريلي ۽ لکيدر وٽ تاريخي جلسو، جسقم جي امن مارچ ۾ جسقم جي سينئر اڳواڻن امجد خان مهيسر، مومن سمون به شرڪت ڪري جلسي کي خطاب ڪيو، جڏهن ته آڪاش ملاح، فقير رمضان ڪلوڙ، رمضان خاصخيلي، صفدر علي تنيو، عزيزالرحمان شيخ، عبداالسميع بلالي، اشرف ڪلھوڙو، ناياب سرڪش سنڌي به شريڪ ۽ جلسي کي خطاب ڪيو، امن مارچ کي صنعان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪير به محفوظ ناهي، ماڻهو ماريا وڃن ٿا، اغوا ڪيا وڃن ٿا، قبيلائي جهيڙا ڪرايا وڃن ٿا، هن جهيڙيندڙ ڌرين کي اپيل ڪندي چيو ته ٿو ته جهيڙا ختم ڪري پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃون، هن چيو ته امن جي بحالي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اڄ شڪار پور ۾ امن مارچ ڪيو آهي، اهڙا مارچ سڄي سنڌ ۾ ڪندس, امن لاءِ هر جهيڙيندڙ ڌرين ڏي امن جو قافلو وٺي ويندس، امن لاءِ جدوجهد جاري رهندي، هن چيو ته هٿ وٺي سنڌ جو امن تباھ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سنڌ جا ڳوٺ، شهر تباھ ٿي ويا، ڳوٺن ۾ تعليم ناهي، صحت ناهي، پيئڻ جو پاڻي ناهي، بهتر زندگي گذارڻ جون ڪي به سهولتون ناهن، لاقانونيت جو راڄ آهي، ماڻهو انصاف لاءِ روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، امجد خان مهيسر ۽ مومن سمون خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي امن خاطر سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ وينداسين.