اسلام آباد(امتياز گل)ڏکڻ ايشيا ۾ هن وقت ٻن مختلف سفارتي قصن جا نقشا لکيا پيا وڃن. هڪ ڪهاڻي آهي ڀارت جي، ٻي ڪهاڻي پاڪستان جي.ڀارت، ڊونلڊ ٽرمپ جي اچڻ کان پوءِ آمريڪا سان ڊگهي ڇڪتاڻ کان پوءِ هڪ وڏو واپاري فريم ورڪ تيار ڪيو آهي، يعني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جا اصول طئي ڪيا ويا. ان سان گڏ ڀارت يورپي يونين سان هڪ تاريخي فري ٽريڊ معاهدو پڻ ڪيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان جي ڏسندي، ملڪ سفارتي سطح تي ڪوششون ڪري رهيو آهي، پر اندروني طور تي معيشت مسلسل دٻاءُ هيٺ آهي. سوال اهو آهي ته ڇا ڀارت آمريڪا جي دٻاءُ هيٺ رعايتون ڏنيون يا هي ان جي اسٽريٽجڪ حڪمت عملي آهي، جنهن ۾ هن پاڻ کي لچڪدار ڏيکاريو ۽ ڪجهه رعايتون ڏنيون ۽ ورتيون، ۽ ان جو اثر پاڪستان تي ڇا پوندو؟ٻئي طرف، پاڪستان جو غزہ امن بورڊ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو پاڪستان لاءِ ڇا نتيجا وٺي اچي ٿو؟ڀارت خاموشي سان آمريڪا ۽ يورپي يونين سان معاهدي ڪري پنهنجي اقتصادي مفادن کي محفوظ ڪيو آهي ۽ معيشتي ترقي کي وڌائڻ جو سامان تيار ڪيو آهي. هي طرز عمل مڪمل طور تي معيشت ۽ واپار تي مرڪوز آهي.پاڪستان ۾ صورتحال ڪجهه مختلف آهي. سفارتي ڪوششون جاري آهن، وزيراعظم هر ٻئي ٽئين ڏينهن ٻاهرين ملڪ جو دورو ڪري رهيو آهي، پر ملڪ جي اندروني حڪمراني جو ماڊل مهانگو ۽ شوخ آهي، جتي هر جاءِ تي ايوان صدر، وزيراعظم هائوس، ملازمن ۽ آفيسرن جي فوج نظر اچي ٿي.هن مهانگي ۽ شوخ حڪمراني جي ماڊل سبب، جيستائين سيڙپڪاري نٿي اچي، ملڪ ۾ سرمايو نه ٿو وڌي، ۽ معيشت تي لڳاتار دٻاءُ آهي. پاڪستان جو گورننس ماڊل بنيادي طور تي سيڪيورٽي تي مرڪوز آهي، جتي اقتصادي معاملن کي درست ڪرڻ جي ترجيح گهٽ نظر اچي ٿي،غزا امن بورڊ ۾ شامل ٿيڻ سان پاڪستان عالمي سفارتي پليٽ فارم تي ڪجهه لاڳاپا حاصل ڪيا، پر اقتصادي لحاظ کان ملڪ اندر ڪجهه به تبديل ناهي ٿيو.گهرن ۾ مالي دٻاءُ وڌي ويو آهي، في گهر جي اصل خوراڪ جو استعمال گهٽجي ويو آهي، بجلي ۽ گئس جون قيمتون تمام گهڻيون وڌيون آهن، عوام جي خريداري جي طاقت 50-60 سيڪڙو کان گهٽجي وئي آهي. جڏهن ته روزگار جا موقعا ڪافي نه آهن.