پاڪستان درياهن تي ڀارتي هائيڊرو منصوبن تي عالمي عدالت ۾ اعتراض جمع ڪرائي ڇڏيا

هيگ (م ڊ) سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي پاڪستان جو ڀرت خلاف ڪيس عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ التوا ۾ آهي. پاڪستان پنهنجا اعتراض جمع ڪرايا آهن. پاڪستان ڀارت خلاف پنهنجو  موقف پيش ڪيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي جو ٻيو مرحلو ختم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ڀارتي هائيڊرو پاور منصوبن جي پاڻي جي ڊيزائن ۽ وهڪري بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن. پاڪستان جي نمائندگي اٽارني جنرل منصور عثمان پاران عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ ڪئي وئي. ان سان گڏ انڊس واٽر ٽريٽي ڪمشنر مهر علي شاهه ۽ مختلف سفير به موجود هئا. پاڪستاني وفد عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڀارت سنڌو، جهلم ۽ چناب دريائن تي منصوبا ٺاهي معاهدي جي حدن کان وڌي رهيو آهي. پاڪستان عدالت کان درخواست ڪئي ته ڀارت کي معاهدي تحت ٽنهي دريائن تي منصوبا قائم ڪرڻ جي اجازت ۽ انهن جي نوعيت جي وضاحت ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي. پاڪستاني عملدارن چيو ته ڀارتي منصوبن جي نصب ٿيل گنجائش ۽ امڪاني پاڻي جي وهڪري جو صحيح تعين ضروري آهي ته جيئن معاملا معاهدي جي روح مطابق حل ٿي سگهن. ٻئي طرف، ڀارت نه ته ٻڌڻي ۾ حصو وٺڻ جي دعوت جو جواب ڏنو ۽ نه ئي عدالت ۾ پيش ٿيو. ٽياڪڙي عدالت جي بينچ جي سربراهي آمريڪي پروفيسر شان ڊي مرفي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ٻين ججن پڻ ٻڌڻي ۾ حصو ورتو. هي عالمي ادارو 127 ملڪن تي ٻڌل آهي ۽ عالمي تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.