اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ ڌماڪي کان پوءِ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو مطالبو ڪيو ته حڪومت عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، جنهن ۾ واقعي جي فوري شفاف جاچ ۽ سهولتڪارن سميت ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ امام بارگاهه ۽ مسجد تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته مسجد ۾ غير مسلح شهرين کي نشانو بڻائڻ انسانيت، مذهب ۽ قومي ضمير تي حملو آهي. بلاول هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، پي پي چيئرمين اسلام آباد جي ترلائي علائقي ۾ امام بارگاهه ۽ مسجد ۾ خودڪش بم ڌماڪي تي چيو ته ڪو به مذهب يا نظريو بيگناهه ماڻهن جي قتل جي اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي پاڪستان جي اتحاد ۽ قدرن تي حملو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته واقعي جي فوري ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي، ڏوهارين ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ حڪومت ملڪ جي عبادتگاهن جي حفاظت لاءِ اثرائتي قدمن کي يقيني بڻائي.هن زور ڏنو ته قوم کي نفرت، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ گهرجي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.