اسلام آباد(شهباز راڻا)صرف 31 ڏينهن اندر حڪومت 1733 ارب رپين جو نئون قرض کنيو آهي يعني روزانو 56 ارب رپين کان وڌيڪ ۔نه ڪو پڇڻ وارو آهي، نه ئي ڪو جواب ڏيندڙ آخر هي پئسو وڃي ڪٿي رهيو آهي؟پگهاردار طبقي 315 ارب رپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو، جڏهن ته ماهر ماڻهو پاڪستان ڇڏي رهيا آهن،پاڪستان جي دٻاءَ هيٺ آيل پگهاردار طبقي طرفان انڪم ٽيڪس جي ادائگي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين ستن مهينن دوران هن طبقي 10 سيڪڙو واڌ سان مجموعي طور 315 ارب رپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو آهي۔ٻئي پاسي، گذريل سال روزگار ۽ بهتر پگهارن جي تلاش ۾ ملڪ ڇڏيندڙ پاڪستانين مان هر ٽئين ماڻهو جو تعلق ماهر يا انتهائي تعليم يافته طبقي سان هو،