جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ پارليامينٽ جو اثرائتو ڪردار، آئين جي بالادستي ۽ احتساب ضروري آهي:ڪراچي ڊڪليريشن

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ اسيمبلي جي ميزباني ۾ جاري ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي. ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب جو خاص مهمان وڏو وزير مراد علي شاهه هو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ڪراچي ڊڪليريشن جي منظوري ڏني وئي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو عالمي پارليماني نمائندن جي ميزباني هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي، جيڪو ادارتي اعتماد، شفافيت ۽ کليل دل جي عڪاسي ڪري ٿو. سي پي اي جي سيڪريٽري جنرل اسٽيڦن ٽوِگ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۽ ميزبان ٽيم شاندار انداز ۾ ڪانفرنس ڪرائي مثالي ميزباني جو ثبوت ڏنو آهي، سي پي اي جا ٽي بنيادي مقصد پارليامينٽن کي مضبوط ڪرڻ، تربيت فراهم ڪرڻ ۽ گڏيل قدرن جي واڌ ويجهه آهن. سندس چوڻ هو ته صنفي برابري، معذور فرد، نوجوان، ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي تنظيم جون اهم ترجيحون آهن. هن نشاندهي ڪئي ته دنيا کي هن وقت جمهوريت، انساني حقن ۽ اعتماد بابت چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي، تڪرار ۽ عدم استحڪام عالمي مسئلا بڻجي چڪا آهن. اسٽيڦن ٽوِگ چيو ته ڪراچي ڊيڪليئريشن انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. تقريب کي پنجاب جي ايم پي اي ذوالفقار علي شاهه، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي ۽ بلوچستان جي ايم پي اي فرح عظيم شاهه پڻ خطاب ڪيو. ڪراچي ڊڪلريشن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جو اثرائتو ڪردار، آئين جي بالادستي ۽ انتظاميا جو احتساب انتهائي ضروري آهي. پڌرائي ۾ پارلياماني نگراني جي نظام، خاص طور تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽين کي مضبوط بڻائڻ، شفاف حڪمراني ۽ عوامي وسيلن جي ذميواراڻي استعمال جي حمايت ڪئي وئي آهي. ڊڪليريشن ۾ عورتن، نوجوانن، معذور ماڻهن، مذهبي اقليتن ۽ پٺتي پيل طبقن جي پارلياماني عمل ۾ اثرائتي شموليت کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ان مقصد لاءِ پارلياماني قاعدن ۽ ضابطن ۾ سڌارا، عوامي آگاهي، جمهوري تعليم ۽ صلاحيت وڌائڻ وارن پروگرامن کي هٿي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪراچي ڊڪليريشن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ذهانت (اي آءِ) جي وڌندڙ اثرن کي تسليم ڪندي ڊجيٽل گورننس، اوپن پارليامينٽ اپائن، غلط ڄاڻ، نفرت ڏياريندڙ مواد ۽ ڊجيٽل هراساني جي رنڊ روڪ تي زور ڏنو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سي پي اي ايشيا جي اهم اجلاس جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جي قيادت جو گڏ ويهڻ جمهوري اعتماد جو مضبوط پيغام آهي، ڇو ته جمهوريت اختلاف جي باوجود احترام سان گڏ ڪم ڪرڻ سان مضبوط ٿئي ٿي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ بحث سنجيده ۽ عملي هئا، جن مان بروقت ۽ ڪارآمد تجويزون سامهون آيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته اعتماد رڳو تقريرن سان نه پر شفافيت، جوابدهي، انصاف ۽ عوامي وسيلن جي ذميواراڻي استعمال سان قائم ٿيندو آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ جو مرڪزي ڪردار آهي. وڏي وزير امن کي انصاف، برداشت ۽ اميد سان ڳنڍيندي چيو ته موجوده معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجن ۾ امن قائم رکڻ قانون سازي جي ترجيح آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پارلياماني جمهوريت ۽ علائقائي پارلياماني سهڪار کي وڏي اهميت ڏئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪراچي ڊڪليرشن کي رڳو دستاويز نه پر عملي واعدي طور لاڳو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.