ڏوڪري/ موهن جو دڙو (رپورٽ: حسين آفتاب قاضي/ مجاهد آفتاب قاضي) ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي بانگا 10 رڪني وفد سان گڏجي موهن جو دڙو ايئرپورٽ پهتو،جتي وڏي وزير ورلڊ بنئڪ جي صدر اجي بانگا جو استقبال ڪيو، جنھن بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاه سان گڏجي ڳوٺ بهاول جت پھتو. ڳوٺ بهاول جت جي ماڻهن ورلڊ بينڪ جي صدر اجي بانگا جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان بهاول جت مان 145 برسات متاثرن جي گھر جي تعمير ڪئي وئي آھي، جنھن مان 83 سيڪڙو عورتن کي سندن گھرن جا مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن. سنڌ جون عورتون بااختيار آهن، ھن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهرن جي تعمير حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جو تاريخي قدم آھي. سيد مراد علي شاھ چيو پ پ چيئرمين بلاول جي ھدايت تي برسات متاثرن کي گھر تعمير ڪرائڻ لاءِ عملي ڪوششون ورتيون، 21 لک گھرن جي تعمير لاءِ 2 ارب ڊالر گھربل ھئا، جنھن مان 25 سيڪڙو ورلڊ بئنڪ طرفان فراھم ڪيا ويا، جڏھن ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو ته ورلڊ بئنڪ ذريعي سموري دنيا اسان جي مدد ڪئي جنھن تي اسين سندن ٿورائتا آھيون. ٻئي طرف ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي بانگا چيو ته ڪيترن سالن کان خواھش ھئي تہ پاڪستان وڃان، منھنجا والدين ورھاڱي کان اڳ پاڪستان م رھندا ھئا، جنھن ڪري موقعو مليو ته ھتي ھليو آيس. ھن ڳوٺ جي عورتن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان خوشقسمت آهيو ته توهان کي مالڪن جا حق مليا آهن، اھا توهان جي آزادي آهي. اجي بانگا چيو ته ھڪ ڳالھ مونکي تمام گھڻي پسند آھي ته حڪومت طرفان توهان کي گھر، روزگار ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي رهيو آهي اها توهان جي زندگي ۾ وڏي اڳڀرائي آھي، توھان عورتن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي. ھن چيو ته حڪومت جو بھتر قدم اھو آھي ته عورت جو اڪائونٽ کليو، جنھن سان ھنن پاڻ گھر تعمير ڪرايا، روزگار به مھيا ڪيو پيو وڃي جنھن سان گھر سنوارڻ ۽ ٻار پڙھائڻ جو موقعو مليو آھي، جنھن سان توھان جي زندگي بدلجي ويندي. گوٺ بھاول جت پھچڻ تي اجي بانگا طرفان زيتون جو ٻوٽو پوکيو ويو، اجي بانگا طرفان ڳوٺ جي عورتن سان ڪميونٽي سينٽر ۾ ملاقات ڪئي، جتي سنڌ جي ثقافت طور رليون وڇائي وھاڻا رکيا ويا، جڏھن ته عورتن جي ھٿ سان ٺاھيل پرس، رليون، ڇٻيون، پنڊيون، رومال ۽ ٻيو سامان رکيو ويو، جتي ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي بانگا طرفان عورتن سان ڳالھيون ڪرڻ سميت کين گھرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ جون سندون ڏنيون ويون، جڏھن ته وڏي وزير طرفان ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي بانگا کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايو ويو.