ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت جاري رهندي:بلاول

ڪراچي ( رپورٽر) پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي بربريت ۽ سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين باوجود ڪشميري عوام جو حوصلو ناقابلِ تسخير آهي ۽ سندن آزادي جي جائز جدوجهد کي ڪڏهن به ڪمزور نه ڪري سگهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني عوام جون دليون پنهنجن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، هن چيو ته هاڻي دنيا جي ڪا طاقت والاريل ڪشمير جي عوام کي سندن منزل حاصل ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.