اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي باني چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي صحت بابت شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اڊيالا جيل ۾ انهن جو مڪمل ۽ شفاف طبي معائنو ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، خط ۾ محمود خان اچڪزئي موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان جي صحت هڪ بنيادي انساني حق جو معاملو آهي ۽ رياست جي ذميواري آهي ته حراست ۾ ان شخص کي مناسب، آزاد ۽ قابلِ اعتماد طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هن ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته عمران خان جو طبي معائنو وارثن ۽ ذاتي ماهرن جي عدم موجودگي ۾ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو شفافيت جي گهرجن خلاف آهي، گهن مطالبو ڪيو ته عمران خان جو مڪمل طبي معائنو انهن جي ذاتي ڊاڪٽرن کان ڪرايو وڃي، جيئن صحت سان لاڳاپيل سڀني خدشن جو بروقت ۽ غير جانبدارانه حل نڪري سگهي، خط ۾ اها تجويز پڻ ڏني وئي ته طبي معائنو شوڪت خانم ميڊيڪل اسپتال ۽ شفاخان انٽرنيشنل اسپتال جي ماهر ڊاڪٽرن کان ڪرايو وڃي.