ٽنڊو الهيار (ن ع آ/ پ ر) ٽنڊوالهيار شھر جي الماس بينڪئيٽ ۾ تعليمي ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ ديب، دانشور، ناميارو قانوندان قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو.ٽنڊوالھيار پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو شھرين شاندار استقبال ڪيو، تعليمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته علم جي روشني پکيڙڻي آھي، اھو عشق جو ڪم آھي، نياڻين کي ڏاج ڏيڻ بدران تعليم ڏيو، ڇاڪاڻ ته تعليم خود هڪ اهڙو ڏاج آھي جيڪو نه ڪڏھن کٽندو نه ئي ڪنهن جو محتاج بڻائيندو، اياز لطيف پليجي چيو ته علم، سائنس، تحقيق ٽيڪنالاجي سان جڙو، پنھنجي قومي حقن سان جڙو، پنھنجي پاڻي سان جڙو، پنھنجي وسيلن سان جڙو، پنھنجي زمينن سان جڙو ۽ سنڌ جي ميرٽ سان جڙو. اياز لطيف پليجي چيو ته ڳوٺن شھرن ۾ لائبريريون کوليو. لائبريرين ذريعي پنهنجا سمورا کسيل حق، موقعا، روزگار، اھو واپس ٿيندو لائيبريرين ۽ علم ذريعي. علم جي طاقت سان سنڌ جو ڳاٽ اونچا ڪنداسين، تڪرار ڪئنالن جو ڪم بند ٿيو ئي ناهي وري ھينئر پاڻي جو شوشو ڪيو اٿن. پنجاب حڪومت نوان ڪئنالن تي وري ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، مون ان وقت چيو ھو سنڌيو ميدان تي نڪرو، ناٽڪن کي ٿڏي ڇڏيو، سازشن کي رد ڪري ڇڏيو، جدوجهد جو ھڪڙو طريقو آهي رستن، گھٽين، مين روڊن تي مسلسل ھلندا رھو، ڪنهن به ڊرامي ڪنهن به ھٿ ناٽ جو شڪار نه ٿيو. ڪنهن به ڪوڙي خوشخبري کي چيڪ ڪرڻ کانسواءِ ان جي پويان نه لڳو. حڪومت جي ھڪڙي ٽيم گڏجي حڪومت جي ٻئي ٽيم سان ڳالھيون ڪري سنڌين کي ٻڌائين پيون توهان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي. ٻئي ڌريون توهان سنڌين کي ڪوڙيون مبارڪون ڏئي ۽ جهمريون هڻائي سنڌين سان دوکو ڪيو ويو. مون اياز لطيف پليجو جنھن چيو ته ڪينالن جو ڪم سدائين لاءِ بند نه ٿيو آهي توهان جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ صرف عارضي طور ڪم معطل ڪيو ويو. ھاڻي وري ھنن ڪم شروع ڪيو آهي. ھاڻي خاموشي سان ڪئنال ٺاھين پيا. ھو سنڌ تي ڊيموگرافي چڙهائي به ڪن پيا، ڪئنال به ٺاھين پيا، زمينون، وسيلا، نوڪريون، شھر، تيل، گئس، ٽئڪس ۽ ڪوئلو کڻن پيا. ان جي خلاف ست ڪروڙ سنڌين کي اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. نه کڙا ٿيا ته تباھ ۽ برباد ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌين وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٻين ضلعن جا آهن، شهرن جون سيٽون خالي ٿيو وڃن، ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌيو توهان اتان جا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺھرايو، سنڌ ڊيموگرافي جي يلغار ۾ آهي. ٻين ملڪن ۽ صوبن مان ماڻھن جي يلغار آهي، ان جي خلاف سنڌ جي ماڻهن کي اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. ڪراچي جي وارثي وٺڻي پوندي. ڳوٺ ڇڏي سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۾ آباد ٿيو نه ته پوءِ واويلا ڪندئو ته اسان جا شهر هليا ويا، اقتدار ھليو ويو. پاڻ ويٺا ھونداسين ڳوٺن ۽ ڌڪا پيا کائينداسين. توهان جا تخت گاھ ٻين جي حوالي آھن تنھن ڪري ڳوٺن جي جان ڇڏيو. وڏن شهرن ۾ اچو اچي آباد ٿيو، اسان جو تعليمي نصاب جديد سائنسي ھجڻ گهرجي.