اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان کي بشريٰ بي بي ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽرن عمران خان جي علاج لاءِ پروسيجر تجويز ڪيو هو نه ته عمران خان جي اک ضايع ٿيڻ جو خدشو هو، بشريٰ بي بي جي ڌيءَ مبشره شيخ ۽ ڀاڄائي مهرالنساءِ اڊيالا جيل ۾ بشريٰ بي بي سان ملاقات ڪئي، ملاقات کان پوءِ ٻنهي عورتن بشريٰ بي بي جو پيغام بئرسٽر گوهر تائين پهچايو، بئرسٽر گوهر اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بشريٰ بيبي سان ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان موجود نه هئا ۽ هي ملاقات 3 مهينن بعد ٿي، بئرسٽر گوهر ٻڌايو ته بشريٰ بي بي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته عمران خان کي اسپتال وٺي وڃڻ ضروري هو ۽ 8 فيبروري کان متعلق ڪنهن سياسي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته بشريٰ بي بي ٻڌايو ته عمران خان جي اک ۾ شديد تڪليف هئي ۽ ڊاڪٽرن تجويز ڪئي هئي ته انهن کي پمز اسپتال وڃڻ ضروري آهي، بئرسٽر گوهر وڌيڪ ٻڌايو ته بشريٰ بي بي چيو آهي ته عمران خان جي طبيعت اڳ کان بهتر ٿي آهي ۽ ان جو علاج جاري آهي. بشريٰ بي بي ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽرن پروسيجر تجويز ڪيو هو، نه ته عمران خان جي اک ضايع ٿيڻ جو خدشو هو، بئرسٽر گوهر چيو ته عمران خان جي ملاقاتن تي سياست ناهي ٿيندي ۽ خاندان جي ملاقات هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجي. هن سوال ڪيو ته ڪٿي لکيو ويو آهي ته ملاقاتن ۾ سياست نه ڪئي وڃي؟ بئرسٽر گوهر چيو ته ترڪي کان اچڻ واري آڇ بابت اسان علم ۾ ڪا ڳالهه ناهي ۽ هن وڌيڪ چيو ته عمران خان چيو هو ته هُن جو جيئڻ ۽ مرڻ هن ملڪ ۾ آهي.