اسلام آباد (بيورو) سينيٽ ۾ مخالف ڌر ليڊر علامه راجا ناصر عباس جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ معاشي، سياسي ۽ امن و امان جو بحرانآهي، هڪ بيان ۾ راجا ناصر عباس چيو ته جيڪو ڪجهه ڪوئٽا ۾ ٿيو، ان جي وڊيو ڏٺي آهي، سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهو ريڊ زون وارو علائقو هو؟ هن وڌيڪ چيو ته اهي ماڻهو شهر تائين پهچي ويا، 3 کان 4 ڪلاڪ صورتحال خراب ڪئي، جن نمائندن کي عوام طرفان نه چونڊيو ويو اهي پارليامينٽ ۾ اچي ويا، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته بلوچستان ۾ ڪيترائي وڏا حادثا پيش آيا، ڪنهن استعفيٰ ڏني؟ ان سان گڏوگڏ انڪشاف ڪيو ته بلوچستان ۾ سالياني طور 80 ارب رپيا سڪيورٽي تي خرچ ڪيا وڃن ٿا ۽ رات جو حڪومت جي رٽ موجود ناهي.